شيخ اياز يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ملازم نوڪري تان برطرف

فہرستِ مضامین

رپورٽ: علي خان شر/شڪارپور

شڪارپور ۾ شيخ اياز يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ملازم کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي.

سينڊيڪٽ ڪاميٽي جي ميمبر ايم پي اي محمد عارف خان مهر معاملي جو نوٽيس وٺندي وي سي شيخ اياز يونيورسٽي زاهد کنڊ ۽ ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ سان رابطو ڪري معاملي جي شاف جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ ۽ الزام هيٺ آيل ملازم خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

يونيورسٽي انتظاميا الزام هيٺ آيل ملازم طارق ڦلپوٽو کي برطرف ڪيو، جڏھن ته واقعي جي جاچ لاءِ چار رڪني ڪاميٽي قائم ڪري ورتي آھي.

ڪميٽي ۾ شيخ اياز جي نياڻي ڊاڪٽر وينگس اياز، ڊاڪٽر رياض حسين، ڊاڪٽر محمود الحسن ۽ مسز ثنا ميراج بگٽي شامل آھن.

متاثر شاگردياڻي يونيورسٽي انتظاميا کي شڪايت نه ڪئي

شيخ اياز يونيورسٽي انتظاميا طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آھي ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن بعد اسان معاملي جو نوٽيس ورتو آھي ۽ وائيس چانسلر زاهد کنڊ جي نگراني ۾  معاملي جي سنجيدگي سان جاچ ڪري رهيا آھيون  پر متاثر ڄاڻايل شاگردياڻي يا ان جا وارث اڃان تائين باضابطا طور يونيورسٽي انتظاميا وٽ شڪايت جي صورت ۾ ظاهر ناهن ٿيا.

يونيورسٽي انتظاميا موجب شاگردياڻي جو معاملو سوشل ميڊيا تي نظر آيو، جنهن تي نوٽيس وٺي جاچ شروع ڪئي وئي، جڏهن ته الزام هيٺ آيل ملازم کي فوري طور نوڪري تان برطرف ڪيو ويو.

جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو

پوليس طرفان پڻ معاملي جاچ ڪئي پئي وڃي ان حوالي سان ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي ٻڌايو ته هن معاملي جي ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ ۽ مان جاچ ڪيون پيا، هن وقت تائين ڪو به ڪمپلينر پوليس وٽ ظاهر ناهي ٿيو، معاملو رڳو سوشل ميڊيا تي هلي پيو، اسان انهن خبرن جو نوٽيس وٺي جاچ ڪري رهيا آھيون.

ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي ٻڌايو ته متاثر ڄاڻايل شاگردياڻي يا ان جا وارث ظاهر نه ٿيا آھن، الزام هيٺ آيل يونيورسٽي جو ملازم طارق ڦلپوٽو گم آھي، سندس فون نمبر بند آھي، کيس ٽريس ڪيو پيو وڃي.

الزام هيٺ آيل جوابدار جي گهر تي ڇاپي ۽ سندس ڀاءُ جي گرفتاري بابت سوال تي ڊي ايس پي ٻڌايو ته الزام هيٺ آيل جوابدار جي ڪنهن به ڀاء کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، ان جو ڀاء ۽ پيء به شھر ۾ موجود آھن، يونيورسٽي انتظاميا ۽ اسان گڏيل طور معاملي جي جاچ ڪيون پيا، جلد اصل حقيقت تائين پهچي وينداسين.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں