رپورٽ: صدام ڪولاچي/ڪراچي
سامونڊيءَ پٽيءَ جا مھاڻا روزانو رڇ کڻي سمنڊ ۾ لھي پون ٿا، ڪڏھن ھفتو ته ڪڏھن 15 ڏينھن مڇي جَي شڪار پويان ھجن ٿا.
مهاڻا جڏھن شڪارتان واپس جيٽي تي موٽن ٿا ته سندس ڄار مڇين ۽ سانن سان ته ڀريل ھجن ٿا پر ڪڏھن ڪڏھن سندن قسمت جو تارو چمڪي ٿو ۽ ھو لک پتي بڻجي وڃن ٿا.
سوئا مڇي سامونڊيءَ دنيا جِي ناياب آبي جيوت آھي، جنھن جَي ھڪ داڻي جِي قيمت لکن ۾ ھُجيءَ ٿي، ريڙھي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ محمد موساڻيءَ جِي قسمت اُن وقت تبديل ٿِي جڏھن اُن جَي ڄار ۾ سوئا مڇي جا 81 داڻا اچي ويا.
ڊبليو ٽي اين سان ڳالهائيندي ناکئي محمد موساڻي چيو ت هو غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هڪ ماهيگير آهي، ڪجهه عرصو اڳ مڇي جي شڪار دوران سندن ڄار ۾ سوئا مڇي جا 81 داڻا آيا هئا جن سندن زندگي تبديل ڪري ڇڏي هئي.

ناکئي محمد موساڻي موجب سوئا مڇي جا 2 قسم هُجن ٿا، هڪ گولڊن ۽ هڪ سادو، گولڊن نسل جي قيمت لکن ۾ آهي، اِها مڇي فشريز ۾ وڏا واپاري خريد ڪن ٿا ۽ اِن جي هڪ داڻي جي قيمت وزن جي حساب سان (40 کان 50 ڪلو) هجي ته 50 کان 60 لک يا ان کان به وڌيڪ قيمت لڳندي آهي.
سوئا مڇي ڪٿي ملندي آهي؟
ناکئو محمد موساڻي ٻڌائي ٿو ته گهڻي ڀاڱي اِها مڇي ڪيٽي بندر جيڪو (ڪراچي کان 154 ڪلو ميٽر) ڏور آهي، اُتي ملي ٿي، ريڙهي ڳوٺ کان ڪيٽي بندر جو سفر لڳ ڀڳ 5 ڪلاڪ آهي.
ناکئو محمد موساڻي ٻڌائي ٿو ت سوئا مڇي جي شڪار دوران 6 کان 7 مهاڻا ٻيڙيءَ تي سوار هئاسين، 81 کان 82 داڻا ملڻ تي نعرا هنياسين، جهموريون هنيون.
سندس موجب سوئا مڇي مان ايتري رقم ملي جو”گهر ٺهرائي ويا، تعليم کان محروم ٻار اسڪولن ۾ داخل ٿي ويا، سندن زندگي خوشحال ٿي.
سوئا مڇي يا لاٽري
ماھيگير سوئا مڇيءَ کي مقامي ٻوليءَ ۾ لاٽري به ڪوٺين ٿا، چوَن ٿا ته لکن مھاڻن مان قسمت جنھن تي مھربان ٿَئي ۽ لاٽري نڪري پوَي ته اُن مھاڻي جي زندگي خوشحال ٿي وڃي ٿي.

رحيم نوحاڻي ھڪ خلاسي آھي، خلاسي مھاڻن جي ٻوليءَ ۾ ھڪ مزدور کي چوَن ٿا، 9 مھينا اڳ رحيم جنھن ھوڙيءَ تي سوار ھو، اُن سوئا مڇي جو ھڪ داڻو شڪار ڪيو ھو، جنھن جِي قيمت 41 لک روپيا لڳي ھئي.
رحيم نوحاڻي ٻڌائي ٿو ته روزانه هزارين مهاڻا ٻيڙيءَ تي سوار ٿيڻ مهل اِها دُعا ڪندا آهن ته اڄ سوئا مڇي ڄار ۾ اچي ۽ سندن زندگي سڌري وڃي، پوءِ جنهن تي قسمت مهربان ٿئي ٿي ۽ راتو رات لک پتي ٿي وڃي.
سوئا مڇي ايڏي مهانگي ۽ قيمتي ڇو آهي؟
ائين ناھي ته سوئا مڇي سدائين مقبول ۽ ڪروڙن ۾ کپندي رھي آھي، ماضي ۾ مھاڻا 50 روپين ۾ به في داڻو کپائي ڇڏيندا ھئا اُھا ھڪ مڇي ھئي جيڪا کاڌي لاءِ استعمال ٿيندي ھئي.
مهاڻن لاءِ ڪم ڪندڙ ۽ ليکڪ طالب ڪڇي ٻڌائي ٿو ته: ماضي ۾ سوئا مڇي وافر مقدار ۾ موجود هوندي هئي ۽ مهاڻا اُن کي کپائڻ بدران گهر ۾ پچائي کائي ڇڏيندا هئا.
طالب ڪڇي ٻڌائي ٿو ته ماضي ۾ مهاڻا سوئا مڇي جَي داڻي کي ڪٽي پاڻ ۾ ورهائيندا هئا ۽ مڇي جي شڪار دوران اُن کي ئي کائيندا هئا، پر اڳتي هلي ان جي اهميت وڌي وئي.

طالب ڪڇي موجب اڄ جا نوجوان مهاڻا جڏهن سوئا مڇي ماري اچن ٿا ته هوڙي( ٻيڙي) جو مالڪ جيڪو غريب هُجي ٿو، اُهو يڪدم ڪروڙ پتي يا ارب پتي بڻجي وڃي ٿو.
سوئا مڇي ڪهڙي ڪم ۾ اچي ٿي؟
مهاڻا ٻڌائين ٿا ته سوئا مڇي ميڊيڪل جي شعبي ۾ وڏي ڪارائتي سمجهي وڃِ ٿي، هيءَ واحد مڇي آهي جڏهن ڪنهن جي رڇ ۾ ڦاسندي آهي ته اُن کي پوليس پروٽوڪول ۾ فشريز پهچايو ويندو آهي.
سوئا مڇي مان سرجيڪل ڌاڳو ٺهي ٿو، جيڪو آپريشن وقت جسم جي اندرين حصن ۾ استعمال ٿئي ٿو.
ڊاڪٽرز ته اِن ڳالهه کان واقف ناهن ته هيءَ جيڪو سرجيڪل ڌاڳو آهي، اِهو ڪهڙي مڇي ما ٺهي ٿو پر هو اِهو ٻڌائين ٿا ته جسم جا اهڙا حصا جتي عام ڌاڳو استعمال نٿو ڪري سگهجي (ٽانڪا کولڻ لاءِ ٻيهر ڪٽ) نٿو لڳائي سگهجي، اُتي هي سرجيڪل ڌاڳو استعمال ڪندا آهيون.
سوئا مڇي جي قيمت وڌڻ کانپوءِ اُن جي ڳولا به وڌي وئي آهي، مهاڻا سوئا ڳولڻ پٺيان ڪڏھن ڪڏھن ملڪي سرحد پار به ڪري وڃن ٿا، پوءِ قسمت بدران بدقسمتي سندن ڀاڳ ۾ اچيو وڃي.