موت جو ڊپ ڇا ٿيندو آهي؟

فہرستِ مضامین

ڊاڪٽر سريش هوتچنداڻي، لاڙڪاڻو

ڇا توھان سان ڪڏھن ائين ٿيو آھي جو اچانڪ توھان جي دماغ ۾ ھڪ اھڙي ڪيفيت  پئدا ٿي  ھجي جڏھن   توھان کي محسوس ٿيندو ھجي ته مان مرڻ وارو آھيان يا مرڻ جي قريب آھيو ۽ ھر  پاسي  توھان کي موت ئي ڏسڻ ۾ ايندو ھجي ته ان ڪيفيت کي سائڪالاجيءَ   جي زبان ۾ “ Thanatophobia” يعني “ موت جو ڊپ” چيو ويندو آھي. اھا ڪيفيت فقط موت جي خوف جي ڪيفيت ڪونھي پر ان نامعلوم لمحي جي شديد نفسياتي  بيمار ھجڻ جو نالو آھي جڏھن انسان پنھنجي موت کي ويجھو محسوس ڪندو آھي. اھا ھڪ ذھني ڪيفيت آھي.

ھر انسان کي خبر آھي ته ھڪ نه ھڪ ڏينھن اسان مان  ھر ڪنھن کي  مرڻو آھي. مگر ھر وقت  موت جو احساس انسان جي روح کي ھڪ بند گھٽيءَ ۾ آڻي  بيھاريندو آھي  پر ھزارين  رستا ٻاھر نڪرڻ جا ھجڻ باوجود سندس ذھن  پاڻ کي  اھڙي قيد ۾ بند محسوس ڪندو  آھي  جتان کيس نڪرڻ جو ڪو به رستو نظر نٿو اچي.

ان خوف جو سڀ کان وڏو الميو اھو آھي ته ھي انسان کي ان جي زندگي کان بلڪل ئي غافل ڪري ڇڏيندو آھي. جڏھن به  ڪو شخص مسلسل پنھنجي موت بابت سوچيندو رھندو آھي ته ھو پنھنجي اندر ۾ موجود  سمورين ذھني ۽ جسماني  توانائين کي ان خوف جي آڏو وڃائي / تباھ ڪري ڇڏيندو آھي. ان ذھني ڪشمڪش ۾ انسان پنھنجن خوابن کي ترڪ ڪري ڇڏيندو آھي  ۽ حقيقت ۾ جيئري ئي مرڻ واري ڪيفيت اختيار ڪرڻ لڳندو آھي. اھو خوف موت جي نسبت زندگي جي معيار کي وڌ ۾ وڌ برباد ڪري ڇڏيندو آھي،  ڇاڪاڻ  ته اھو خوف ان کان اندروني سڪون کي کسي وٺندو آھي جنھن جي بدولت انسان پنھنجي  آس پاس معمولي خوبصورتين کان لطف اندوز ٿي سگھي ٿو.

ان ڪيفيت مان نڪرڻ جو اصل رستو ان حقيقت کي قبول ڪرڻ ۾ آھي ته موت زندگي جو ھڪ فطري ۽ اڻٽر انجام آھي جنھن کي بدلائي نٿو سگھجي. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته اسان موت جي باري ۾ سوچڻ ڇڏي زندگي جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيون . جڏھن انسان پنھنجي  توجھ ، موجوده لمحا ، پنھنجن رشتن ۽ پھنجي روز مرھ جي ڪاروبار حيات  تي  صرف ڪندو آھي ته موت جو خوف خود به خود پنھنجي  شدت وڃائي ويھندو آھي. اگر خود توھان ان خوف تي ڪنٽرول نه ڪري سگھو ته ڪنھن سٺي نفسياتي ڊاڪٽر سان صلاح ڪيو ،ھي ڪو جادوئي علاج ناھي  پر ھڪ حڪمت عملي آھي  ته اسان پنھنجي جسماني ۽ ذھني توانائي کي مثبت ۽ تخليقي ڪمن ۾ خرچ ڪيون ته جيئن موت جو تصور اسانجي لاء ھڪ خوفناڪ انجام نه ٿئي  پر  ھڪ فطري حقيقت بنجي وڃي جيڪو اسانکي ھر ڏينھن کي مڪمل جيئڻ جي ترغيب / اُتساھ  ڏئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں