ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ دهشتگردي جي امڪاني منصوبن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي)، وفاقي ۽ سول حساس ادارن ٻن مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪندي پابندي مڙهيل تنظيمن سان لاڳاپيل هجڻ جي الزام هيٺ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سي ٽي ڊي موجب، گرفتار ٿيل ماڻهن وٽان 4 دستي بم ۽ هڪ پستول پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.
جنگ اخبار جي رپورٽ موجب، سي ٽي ڊي جي ترجمان ٻڌايو ته ابوالحسن اصفهاني روڊ، بلاڪ 4 ڀرسان ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) سان لاڳاپيل هجڻ جي الزام هيٺ 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
ترجمان موجب، ٻي ڪارروائي ڪورنگي ڪاز وي نديءَ ڀرسان ڪئي وئي، جتي پابندي مڙهيل سنڌوديش ريووليوشنري آرمي (ايس آر اي) سان لاڳاپيل هجڻ جي الزام هيٺ هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو ويو.
سي ٽي ڊي جي دعويٰ آهي ته گرفتار ٿيل جوابدار حساس هنڌن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻائڻ چاهين پيا. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار ٿيل جوابدار بلوچستان ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري (ايف سي) ۽ ڪسٽمز جي موبائل گاڏين تي حملن ۾ پڻ ملوث رهيا آهن.
سي ٽي ڊي موجب، گرفتار ٿيل جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته انهن جي ٻين ساٿين ۽ سهولتڪارن جي ڳولا جاري آهي.