اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان جي سرڪاري قرضن ۾ گذريل 10 سالن دوران 340 سيڪڙو جو غيرمعمولي اضافو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ جي مجموعي سرڪاري قرضن جو حجم 86 هزار 700 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. ناڻي واري وزارت جي تازي رپورٽ ۾ قرضن ۾ ٿيل واڌ جا تفصيل سامهون آيا آهن.
ناڻي واري وزارت جي رپورٽ موجب گذريل ڏھن سالن دوران سرڪاري قرضن ۾ 67 هزار ارب رپين جو اضافو ٿيو. جون 2016ع تائين ملڪ جو مجموعي سرڪاري قرض 19 هزار 700 ارب رپيا هو، جيڪو جون 2026ع تائين وڌي 86 هزار 700 ارب رپين تائين پهچي ويو.
رپورٽ موجب جون 2026ع تائين مجموعي سرڪاري قرضن مان 59 هزار 400 ارب رپيا ملڪي قرض ۽ 27 هزار 300 ارب رپيا پرڏيهي سرڪاري قرض شامل هو.
ان جي ڀيٽ ۾ جون 2016ع تائين ملڪي قرض 13 هزار 600 ارب رپيا، جڏھن تہ پرڏيهي سرڪاري قرض 6 هزار 100 ارب رپيا هو.
ناڻي واري وزارت جي انگن اکرن موجب جون 2017ع تائين مجموعي سرڪاري قرض 21 هزار 400 ارب رپين تائين پهچي چڪو هو، جڏھن تہ جون 2018ع ۾ اهو وڌي 24 هزار 900 ارب رپيا ٿي ويو.
رپورٽ مطابق جون 2019ع تائين سرڪاري قرضن جو مجموعي حجم 32 هزار 700 ارب رپيا ۽ جون 2020ع تائين 36 هزار 400 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو.
جڏھن تہ جون 2021ع تائين ملڪ جو مجموعي سرڪاري قرض وڌيڪ وڌي 39 هزار 900 ارب رپين تائين پهچي ويو هو.
ناڻي واري وزارت جي رپورٽ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ گذريل هڪ ڏھاڪي دوران ملڪ جي سرڪاري قرضن ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مجموعي قرضن جو حجم 86 هزار 700 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي.