اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پيٽرول جي اصل قيمت ۽ صارفين کان وصول ٿيندڙ مقرر ڪيل قيمت وچ ۾ فرق وڌيڪ وڌي ويو آهي، سرڪاري دستاويزن موجب هڪ ليٽر پيٽرول تي ٽيڪسن، ليوي ۽ مختلف مارجنز جي مد ۾ وڏي رقم وصول ڪئي پئي وڃي.
سرڪاري دستاويزن موجب، هن وقت هڪ ليٽر پيٽرول جي بنيادي لاڳت 254 رپيا 96 پئسا آهي، جڏهن ته صارفين لاءِ ان جي مقرر ڪيل قيمت 391 رپيا 30 پئسا في ليٽر آهي.
يعني پيٽرول جي اصل لاڳت ۽ مقرر ڪيل وڪري واري قيمت ۾ 136 رپيا 34 پئسا في ليٽر جو فرق آهي.
دستاويزن موجب، هڪ ليٽر پيٽرول تي 80 رپيا پيٽروليم ليوي، 5 رپيا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي ۽ 23 رپيا 68 پئسا ڪسٽمز ڊيوٽي لاڳو آهي.
ان کان علاوه پيٽرول تي ان لينڊ فريٽ ايڪولائيزيشن مارجن جي مد ۾ 7 رپيا 91 پئسا، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن 7 رپيا 87 پئسا ۽ ڊيلرز مارجن جي مد ۾ 9 رپيا 98 پئسا في ليٽر وصول ڪيا پيا وڃن.
سرڪاري انگن اکرن موجب، ليوي، ٽيڪسن ۽ مارجنز کان علاوه هڪ رپيو 90 پئسا ايڪسچينج ايڊجسٽمينٽ پڻ شامل آهي.
ٻئي طرف هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي صورتحال به مختلف ناهي. دستاويزن موجب هڪ ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي لاڳت 285 رپيا 85 پئسا آهي، جڏهن ته صارفين لاءِ ان جي موجوده قيمت 408 رپيا 53 پئسا في ليٽر مقرر ٿيل آهي.
اهڙيءَ طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اصل لاڳت ۽ مقرر ڪيل وڪري واري قيمت ۾ 122 رپيا 68 پئسا في ليٽر جو فرق موجود آهي.
سرڪاري دستاويزن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ موجود هن فرق جو بنيادي سبب ليوي، ٽيڪسن، ڪسٽمز ڊيوٽي، ٽرانسپورٽ ۽ مارڪيٽنگ سان لاڳاپيل مارجنز کي قرار ڏنو ويو آهي.