پاڪستان جي ايئرفورس چين جي تيار ڪيل پي ايل 15 ميزائيل جو ڪامياب استعمال ڪندي ڀارتي جنگي جھازن کي 100 ميل پري کان نشانو بڻائي تباھ ڪري ڇڏيو، ان واقعي نھ رڳو عالمي سطح تي ڊگھي مفاصلي تائين مار ڪندڙ فضائي اھميت کي اجاڳر ڪيو آھي، اتي آمريڪي فوج کي پنھنجي فضائي برتري برقرار رکڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي، پينٽاگان جي رپورٽ موجب چيني ايئرفورس 2023 ۾ پي ايل 17 ميزائيل کي عملي طور فعال قرار ڏنو آھي جيڪو پي ايل -15 ميزائيل جو جديد ورزن آھي ۽ 400ڪلوميٽر 248 ميل تائين ھدف کي درستگي سان نشانو بڻائي سگھي ٿو، پاڪستان جي ان ڪامياب آپريشن خطي ۾ فضائي برتري جو توازن تبديل ڪري ڇڏيو ، چيني ائير ٽو ايئر ميزائيل ٽيڪنالاجي ۾ انقلابي جدت جي جواب ۾ آمريڪي ايئرفورس ۽ نيوي، مشھور جديد ھٿيار ساز ڪمپني لاڪ ھيڊ مارٽن جي ڳجھي “اي آئي ايم -260” ميزائيل جي تياري لاءِ مالي سال 2026 ۾ ھڪ ارب ڊالرز جي اضافي فنڊنگ جي درخواست ڪئي آھي، آمريڪي ايئرفورس مطابق “اي آءِ ايم -260” جنھن کي “جوائنٽ ايڊوانسڊ ٽيڪٽيڪل ميزائيل” بھ چيو ويندو آھي، ايف 22 ۽ ايف 35 جھازن جي اندروني ھٿيارن جي خانن لاءِ بھ ڊيزائن ڪيو ويو آھي ۽ ان کي ايف 16 ۽ ايف 15 ۽ مستقبل ۾ بنا پائليٽ جي جنگي جھازن سان گڏ بھ مربوط ڪيو ويندو، آمريڪي ايئرفورس جو چوڻ آھي تھ اسان جي امڪاني مخالفن جيئن تھ پاڪستان پي ايل 15 ميزائيل جي استعمال مان ظاھر ٿئي ٿو تھ اسان جي فضائي برتري جي جواب ۾ پنھنجي صلاحيتن کي ترقي ڏيندي ھڪ جديد ميزائيل ٺاھي ورتو آھي جيڪو جديد خطرن کي ناڪام بڻائي سگھي، اھو آمريڪي فضائي برتري لاءِ اڻٽر آھي، دستاويزن موجب آمريڪي ايئرفورس تياري لاءِ 368 ملين ڊالرز ۽ اضافي 300 ملين ڊالرز گھري ورتا آھن، ھي ميزائيل اي آءِ ايم -120، “اي ايم آر اي ايم” جي جاءِ وٺندو، جيڪو 1993 کان استعمال ٿي رھيو آھي، گذريل 15 سالن دوران ان پروگرام تي 350 ملين ڊالرز خرچ ٿي چڪا آھن ۽ لاڪ ھيڊ مارٽن کي ان جو ترقياتي معاھدو آگسٽ 2017 ۾ مليو ھو ….
بي وي آر ٽيڪنالاجي ڇا آهي؟

بي وي آر جنگ هڪ قسم جي هوائي جنگ آهي جتي پائلٽ اهڙن هدفن تي حملو ڪرڻ لاءِ جديد سينسر ۽ ڊگهي فاصلي وارو ميزائل استعمال ڪندا آهن جيڪي اهي پنهنجي اکين سان سڌو سنئون نه ڏسي سگهندا آهن. ڪاڪ پٽ ۾ ويٺل پائيلٽ نظر جي حد کان سوين ڪلوميٽر پري تائين دشمن جھاز کي لاڪ ڪري نشانو بڻائي ڪيرائي سگھن ٿا، جنگي جهاز دشمن جي جهاز کي ڊگھي فاصلي تي نشانو بڻائين ٿا جتي ڪو به پائلٽ پنهنجي مخالف کي پنهنجي اکين سان ڏسي نه ٿو سگهي. ان جي بدران ، BVR جديد سينسر سسٽم تي ڀروسو ڪن ٿيون، جهڙوڪ ريڊار ۽ نيٽ ورڪ ٿيل ڊيٽا، بيونڊ-ويزوئل-رينج ايئر-ٽو-ايئر ميزائل (اهي ميزائل 40 ڪلوميٽر (25 ميل) کان وٺي سوين ڪلوميٽرن تائين هدفن کي نشانو بڻائڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن، جيڪي روايتي ويجھي ڊاگ فائيٽ کان ٻاهر هوائي جنگ جي حد کي خاص طور تي وڌائين ٿا، تازو مئي مھيني ۾ پاڪستان ان جو عملي مظاھرو پڻ ڪري چڪو آھي، پاڪستاني جنگي جھازن ڀارت جي جارحيت بعد ڊفينس بدران ڪائونٽر اٽيڪ ڪري ڀارت اندر دشمن جھازن کي ڪيرائي ڇڏيو ھو….
پاڪ ڀارت جنگ
پھلگام ۾ دھشتگردي جي واقعي جي اوٽ ۾ ڀارتي ايئرفورس 7مئي تي رات جي اونداھي م بزدلاڻي ڪارروائي ڪندي پاڪستان جي مختلف شھرن تي جنگي جھازن وسيلي ميزائيل حملا ڪري سويلين کي نشانو بڻايو، ڀارت جي اڳرائي خلاف پاڪستان ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي فرار ٿي ويل ڀارتي جھازن کي سندن ملڪي سرحدن 200 ڪلوميٽر پري کان حملو ڪري جديد جنگي جھاز رافيل، سخوئي 30 ۽ مگ 29 سميت 6 جھازن کي تباھ ڪري سندس غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، مئي ۾ ٿيل پاڪ ڀارت جھڙپ کي ڪجھ ڏھاڪن جي سڀ کان وڏي فضائي جنگ قرار ڏنو پيو وڃي، جنھن ۾ ھڪ ڪلاڪ دوران 125 کان وڌيڪ جھازن حصو ورتو، پاڪستان جي ڪارروائي سبب ڀارت فضائيھ پنھنجي جھازن کي پاڪستان جي حدن کان 300 ڪلوميٽر پري رھڻ جي ھدايت ڪئي ھئي، جڏھن تھ فرانس جي مطالبي تي رافيل جھازن کي جنگ ۾ استعمال ڪرڻ بدران گرائونڊ ڪيو ويو…..
ميزائيل ٽيڪنالاجي حملن جو رڪارڊ
1965-1982 BVR جنگ جو هڪ شروعاتي دور ھو، جنهن ۾ گهٽ مار جي شرح 6.6٪ هئي، 1991 جي خليج جنگ۾BVR ميزائل جي شرح ۾ هڪ اهم واڌارو ٿيو ۽ اھا 6.6 کان 34سيڪڙو تائين پهچي وئي، 2022 ۾ روس يوڪرين تڪرار۾ هڪ روسي R-37M ميزائل 217 ڪلوميٽر کان يوڪريني Su-27 کي ڪيرائي تاريخ ۾ سڀ کان ڊگهي هوا کان هوا ۾ مار جو رڪارڊ قائم ڪيو. 1965 کان 1982 تائين آمريڪا ويتنام ۽ عرب اسرائيل جنگ دوران 528 ميزائل فائر ڪيا ويا جن مان صرف 4 ميزائيل نشاني تي لڳڻ جي تصديق ٿي سگھي، مئي 2025ع ۾ هندستان-پاڪستان فضائي جنگي نظريي ۾ هڪ نئين دور جي نشاندهي ڪري ٿو، ھن وقت دنيا جو ايئر ٽو ايئر تيز ترين ميزائيل آر 37 ميزائيل آھي جنھن جي مار 400 ڪلوميٽر ۽ اسپڊ ھائپر سونڪ آھي