ڪراچي: مسجد ٻاهران نمازي بڻجي گاڏيون چوري ڪندڙ 57 ورهين جو جوابدار گرفتار

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي ۾ مسجد ٻاهران نمازي بڻجي گاڏيون چوري ڪندڙ 57 ورهين جي جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.

اينٽي ڪار لفٽنگ سيل موجب گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ انصاف نالي طور ٿي آهي، جنهن 2000ع ۾ گاڏي چوري جي پهرين واردات ڪئي ۽ ان کانپوءِ مسلسل گاڏين جي چوري ۾ ملوث رهيو.

پوليس موجب جوابدار ڪراچي مان گاڏيون چوري ڪري ڪوئيٽا ۽ بلوچستان منتقل ڪندو هو، جتي اهي وڪرو ڪيون وينديون هيون.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدار کي گلشن اقبال جي هڪ مسجد ٻاهران گاڏي چوري ڪندي به ڏٺو ويو هو.

اينٽي ڪار لفٽنگ سيل موجب جوابدار جو 23 سال پراڻو ڏوهاري رڪارڊ پڻ سامهون آيو آهي ۽ هو 15 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں