ڪراچي (بيورو رپورٽ): سرجاڻي ٽائون ۾ عورت ۽ ٽن ٻارن جي قتل واري ڪيس جي جاچ دوران پوليس لاءِ مقتولا مهوش جي موبائل فون جي گم ٿيڻ اهم سوال بڻجي ويو آهي. پوليس موجب گهر جي مڪمل تلاشي باوجود موبائل فون هٿ نه اچي سگهيو آهي، جڏهن ته فون ۽ ان جو ڪال ڊيٽا قتل جي واقعي بابت اهم سراغ فراهم ڪري سگهي ٿو.
پوليس اختيارين موجب سومر جي رات جڏهن دانش مقتولا کي فون ڪري رهيو هو ته موبائل فون تي بيل وڃي رهي هئي، پر اڱاري ڏينهن پوليس پاران فون ڪرڻ تي موبائل سوئچ آف مليو.
پوليس مقتولا جي موبائل فون جي ڳولا سان گڏ سندس ڪال ڊيٽا رڪارڊ (سي ڊي آر) حاصل ڪرڻ جو عمل پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته واقعي واري ڏينهن علائقي ۾ لڳل سيڪيورٽي ڪيمرائن جي رڪارڊنگ به حاصل ڪئي پئي وڃي.
جاچ ڪندڙ ٽيم مقتولا جي دوستن، مائٽن ۽ پاڙيسرين کان پڻ معلومات حاصل ڪري رهي آهي. پوليس ٻارن جي قرآن پڙهڻ واري مسجد ۾ به وڃي معلومات گڏ ڪئي آهي.
پوليس ذريعن موجب گهر ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ صرف هڪ رستو آهي، جڏهن ته گهر ۾ زبردستي داخل ٿيڻ جا واضح ثبوت به هن وقت تائين سامهون ناهن آيا.
ٻئي طرف پوليس موجب قتل ۾ استعمال ٿيل مبينا اوزار به اڃا تائين هٿ نه اچي سگهيو آهي.
ايس ايس پي ويسٽ طارق مستوئي جو چوڻ آهي ته چار ماڻهن جي قتل ۾ مڙس ملوث آهي يا ڪو ٻيو شخص، ان بابت هن وقت حتمي طور ڪجهه نٿو چئي سگهجي. سندس موجب پوليس هيومن انٽيليجنس ۽ ڊجيٽل ثبوتن جي بنياد تي هر رخ کان جاچ ڪري رهي آهي.
پوليس لاءِ هن وقت مقتولا جو گم ٿيل موبائل فون، ان جو ڪال ڊيٽا رڪارڊ ۽ واقعي واري ڏينهن جي سيڪيورٽي ڪيمرائن جون رڪارڊنگون جاچ ۾ اهم حيثيت رکن ٿيون.
پوليس جو چوڻ آهي ته انهن ذريعن مان واقعي کان اڳ ۽ پوءِ مقتولا سان رابطي ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ گهر جي چوڌاري موجود سرگرمين بابت اهم معلومات ملي سگهي ٿي.
ايف آءِ آر مقتولا جي سهري پاران داخل ڪرايل بيان جي بنياد تي درج ڪئي وئي آهي. بيان موجب هو اليڪٽريشن جو ڪم ڪن ٿا ۽ سندن ٻه پٽ آهن. وڏو پٽ دانش ولد محمد ياسين، جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 32 سال ٻڌائي وئي آهي، آفيس ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ سندس شادي کي لڳ ڀڳ 9 سال ٿيا آهن.
ايف آءِ آر موجب واقعي واري ڏينهن مقتولا جي سهري کي فون ذريعي گهر ۾ پيش آيل واقعي جي اطلاع ملي. گهر پهچڻ تي کيس اندر افراتفري نظر آئي، جڏهن ته سندس ننهن هوش ۽ پوٽو حسنين ۽ پوٽي ميرب جون لاشون گهر اندر موجود هيون.
ايمبولينس ذريعي لاش ۽ زخمي ٻارڙي اشوه کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان اشوه کي وڌيڪ علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. پر هوءَ پڻ علاج دوران زخمن جي تاب نه آڻيندي فوت ٿي وئي.
قانوني ۽ ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ چارئي ميتون وارثن حوالي ڪيون ويون.
ايف آءِ آر ۾ نامعلوم جوابدار يا جوابدارن خلاف مقتولا هوش، جنهن جي عمر 30 سال، حسنين، ميرب ۽ اشوه کي نامعلوم سببن جي بنياد تي قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي ۽ قانوني ڪارروائي جي درخواست ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب ڪيس جي جاچ اڃا جاري آهي ۽ مقتولا جو موبائل فون، ڊجيٽل ڊيٽا، سيڪيورٽي ڪيمرائن جي رڪارڊنگ ۽ ٻين شاهدين جي بنياد تي قتل جي اصل حقيقت تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.