لائیو عوام جي مرضي کانسواءِ سنڌ جي ورهاست وفاق کي ڪمزور ڪندي: بيرسٽر گوهر

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته عوام جي مرضي کانسواءِ سنڌ جي ورهاست ڪئي وئي ته ان سان وفاق ڪمزور ٿيندو، صوبن جي قيام بابت تڪراري قانونسازي بدران سنجيدگي سان بحث ۽ مشاورت ٿيڻ گهرجي.

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته نوان صوبا قائم ڪرڻ هڪ سنجيده معاملو آهي، تنهنڪري ان بابت ڪنهن به قسم جي تڪراري قانونسازي نه ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته ارڙهين ترميم وانگر صوبن جي قيام بابت به وسيع مشاورت ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته جلدبازي ۾ نوان صوبا قائم ڪرڻ جو فيصلو وفاق جي يڪجهتي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.

بيرسٽر گوهر سنڌ جي عوام پاران خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي ڪراچي آمد تي ڪيل استقبال جو ذڪر ڪندي چيو ته رڪاوٽن باوجود ماڻهن جو وڏي انگ ۾ نڪرڻ ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته عوام موجوده اسٽيٽس ڪو نٿو چاهي.

هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۽ غير سنجيده بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهري ۽ سيڪيورٽي فورسز قربانيون ڏئي رهيا آهن، تنهنڪري قومي سياسي قيادت کي سنجيده رويو اختيار ڪرڻ گهرجي.

پي ٽي آءِ چيئرمين پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي دهشتگردي بابت بيان کي به متعصب قرار ڏيندي ان تي معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

بيرسٽر گوهر اهو به چيو ته باني پي ٽي آءِ سان سياسي قيادت ۽ خاندان جي ملاقات ضروري آهي، جڏهن ته ڳالهين جي عمل ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں