آمريڪي پابندين ۽ معاشي بحران جي دٻاءَ سبب ايراني ريال جي قدر ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ آمريڪي ڊالر جي قيمت 20 لک ايراني ريال کان به وڌي وئي آهي. ڪرنسي جي بي قدري سان گڏ ايران ۾ روزمرهه استعمال جي شين جون قيمتون پڻ تيزي سان وڌي رهيون آهن، جنهن سان عام ماڻهن جي خريداري جي قوت وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني ريال آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پنهنجي تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويو آهي، جنهن کانپوءِ هڪ آمريڪي ڊالر جي قيمت 20 لک ايراني ريال کان به وڌي وئي.
ايراني ڪرنسي جي مسلسل بي قدري کي ملڪ تي لاڳو آمريڪي پابندين ۽ وڌندڙ معاشي دٻاءَ سان ڳنڍيو پيو وڃي.
رپورٽ موجب جنگ کان اڳ 20 لک ايراني ريال ۾ لڳ ڀڳ 4 ڪلو ٽماٽا، اڌ ڪلو ڪڪڙ جو گوشت ۽ هڪ ليٽر کان ٿورو گهٽ کاڌي جو تيل خريد ڪري سگهجي پيو.
پر هاڻي ساڳئي رقم سان انهن شين جي اڌ مقدار به خريد ڪرڻ مشڪل ٿي وئي آهي.
ڪرنسي جي قدر ۾ وڏي گهٽتائي سبب ايران ۾ مهانگائي عام ماڻهن جي روزاني زندگي کي وڌيڪ متاثر ڪري رهي آهي.
رپورٽ موجب ايران ۾ روزمرهه جي کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ واضح اضافو ٿيو آهي.ٽماٽن جي قيمت ۾ 71 سيڪڙو اضافو، ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت ۾ 74 سيڪڙو،کاڌي جي تيل جي قيمت ۾ 177 سيڪڙو اضافو ٿي ويو آھي.
قيمتن ۾ اهڙي تيز واڌ ۽ ريال جي بي قدري سبب عام شهرين جي آمدني جي حقيقي قدر ۾ به وڏي گهٽتائي آئي آهي.
هڪ ڊالر جي قيمت 20 لک ريال کان وڌڻ ايراني معيشت لاءِ انتهائي اهم صورتحال سمجهي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪمزور ڪرنسي درآمدي شين کي وڌيڪ مهانگو بڻائي ٿي.
ايران لاءِ درآمد ٿيندڙ خوراڪ، خام مال، مشينري ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ اضافو آخرڪار مقامي مارڪيٽ ۾ صارفين تائين منتقل ٿئي ٿو.
معاشي دٻاءَ، پابندين، ڪرنسي جي مسلسل بي قدري ۽ مهانگائي جي وڌندڙ شرح ايراني عوام لاءِ روزمرهه جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو بڻائي رهي آهي.