راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): راولپنڊي جي علائقي لال ڪڙتي ۾ نئين شادي شده عورت حنا کي مبينا طور مڙس، گهريلو ملازم ۽ سندس پيءُ گڏجي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته عورت جو لاش گهر جي غسل خاني مان هٿ آيو.
پوليس موجب واقعو سول لائن ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيو. مقتولا جي شادي کي تقريبن 9 مهينا ٿيا هئا، جڏهن ته قتل جي الزام ۾ سندس مڙس ۽ گهريلو ملازم کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
مقدمي جي مدعي موجب مقتولا جا هٿ پٺيان ٻڌل هئا ۽ سندس وات تي ڪپڙو پڻ ٻڌل هو.
مقتولا جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته کيس سندس ڀيڻ جي ساهرن مان فون آئي، جنهن کان پوءِ هو گهر پهتو ته ڀيڻ جو لاش غسل خاني ۾ پيل هو.
وارثن الزام لڳايو ته جوابدارن قتل کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
مقتولا جي ڀاءُ جو الزام آهي ته سندس ڀيڻ جو مڙس اڳ به کيس اذيتون ۽ تڪليفون ڏيندو رهيو هو.
هن ٻڌايو ته جوابدار جي اها ٻي شادي هئي، جڏهن ته سندس پهرين زال طلاق وٺي چڪي هئي.
متاثر خاندان مقتولا جي سسر اصغر علي کي پڻ گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
وارثن جو چوڻ آهي ته مقتولا جو سسر به ڪيس ۾ نامزد آهي، پر اڃا تائين سندس گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي. خاندان پنجاب پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ڪري قانون موجب انصاف فراهم ڪيو وڃي.
پوليس موجب مقتولا حنا جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته رپورٽ جو انتظار آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان سمورا اهم ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن ۽ قتل جي واقعي جي سڀني پاسن کان جاچ جاري آهي.