گوجرانوالا: پرڏيهي ٽرانسجينڊر سان شادي ڪندڙ نوجوان گرفتار

فہرستِ مضامین

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ): گوجرانوالا ۾ پرڏيهي ٽرانسجينڊر سان شادي ڪندڙ نوجوان کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب ٽرانسجينڊر جي درخواست تي نوجوان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر موجب درخواستگذار الزام هنيو آهي ته کيس قيد ڪري رکيو ويو هو، پر موقعو ملڻ تي هو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار ۽ سندس گهرڀاتين مبينا طور جعلي نڪاح نامو تيار ڪرايو هو.

پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں