ٽنڊو محمد خان ۾ تعليمي ايڪسپو، ڇا نوجوانن لاءِ ڪيريئر جا نوان موقعا پيدا ٿيندا؟

فہرستِ مضامین

ٽنڊو محمد خان(رپورٽ: ساحل اياز): يونيورسٽي آف ماڊرن سائنس ٽنڊو محمد خان پاران انڊس ميڊيڪل يونيورسٽي جي گرائونڊ تي اوپن هائوس تعليمي ايڪسپو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن سان تعلق رکندڙ شاگردن، شاگردياڻين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تعليمي ايڪسپو دوران شاگردن جي مستقبل جي تعليمي ۽ پيشوراڻي چونڊن بابت ڪيريئر ڪائونسلنگ جا ليڪچر پڻ ڏنا ويا، جن ۾ شاگردن کي مختلف شعبن ۾ تعليم ۽ ڪيريئر جي موقعن بابت آگاهي فراهم ڪئي وئي.

ايڪسپو ۾ مختلف تعليمي ادارن ۽ شعبن پاران معلوماتي اسٽال پڻ لڳايا ويا، جتي شاگردن کي مختلف تعليمي پروگرامن، داخلا جي طريقيڪار، اسڪالرشپس ۽ مستقبل ۾ ڪيريئر جي موقعن بابت معلومات فراهم ڪئي وئي.

منتظمين موجب، تعليمي ايڪسپو جو مقصد شاگردن کي اعليٰ تعليم جي مختلف شعبن، جديد تعليمي موقعن ۽ ڪيريئر جي چونڊ بابت مناسب رهنمائي فراهم ڪرڻ هو، جيئن نوجوان پنهنجي صلاحيتن ۽ دلچسپي مطابق بهتر مستقبل جو انتخاب ڪري سگهن.

ايڪسپو ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف اسٽالن جو دورو ڪري تعليمي پروگرامن بابت معلومات حاصل ڪئي، جڏهن ته ڪيريئر ڪائونسلنگ سيشن دوران ماهرن شاگردن جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا.

تعليمي ايڪسپو ۾ سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن يونيورسٽي آف ماڊرن سائنس جي ان قدم کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون سرگرميون نوجوانن کي تعليم سان گڏ پنهنجي مستقبل جي ڪيريئر بابت صحيح فيصلا ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون.

منتظمين جو چوڻ هو ته نوجوانن کي جديد تعليم ۽ ڪيريئر جي نون موقعن سان روشناس ڪرائڻ لاءِ اهڙيون سرگرميون مستقبل ۾ پڻ جاري رکيون وينديون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں