ڪراچي (بيورو رپورٽ) وفاقي جاچ اداري شھرين کي خبردار ڪيو آھي ته ھو ايف آءِ اي جي نالي سان اماڻيل جعلي اي ميلز ۽ واٽس ايپ پيغامن کان ھوشيار رھن ۽ انھن جي جواب ۾ پنھنجي ڪا بھ ذاتي ۽ مالي معلومات شيئر نه ڪن.
ايف آءِ اي جي ترجمان عبدالغفار پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ايف آءِ اي کي اطلاع مليا آھن تھ ڪجه نامعلوم ماڻھو ڊي جي ايف آءِ اي جي نالي سان جعلي اي ميلز ۽ واٽس ايپ پيغام اماڻي عوام کي ھيسائي رھيا آھن.
بيان موجب انھن جعلي پيغامن ۾ ڊي جي ايف آءِ اي جي نالي ۽ عھدي جو استعمال ڪري عوام کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ جعلي پيغامن کي حقيقي ھئڻ جو رنگ ڏيڻ لاءِ ‘ٽاپ سيڪريٽ’ جو جعلي ٺپو بھ ھنيو پيو وڃي.
ايف آءِ اي اھڙا پيغام نه اماڻيندي آھي
وفاقي جاچ اداري جي ترجمان پنھنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو تھ اھڙا ماڻھو جعلي ۽ گمراھ ڪندڙ نالا استعمال ڪري پاڻ کي سرڪاري آفيسر ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن.
اھڙن پيغامن ۾ شھرين کي ‘سائيبر ڪرائيمز’ جا ڪوڙا الزام ھڻي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ايف آءِ اي پاران وضاحت ڪندي چيو ويو آھي تھ وفاقي جاچ ادارو ڪنھن بھ فرد کي اي ميل يا واٽس ايپ ذريعي اھڙا پيغام نھ اماڻيندو آھي.
بيان ۾ عوام کي درخواست ڪئي وئي تھ ڪنھن به شڪي پيغام يا رابطي جي صورت ۾ ان جو اطلاع قومي سائيبر ڪرائيم انويسٽيگيشن کي ڏنو وڃي، جيڪا سائيبر ڏوھن جي جاچ ڪندڙ مجاز اختياري آھي.
ايف آءِ اي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ عوام تي زور ڀريو ويو آھي ته ھو جعلي پيغامن کان ھوشيار رھن ۽ اھڙن شڪي پيغامن ۽ رابطن جي صورت ۾ ڪڏھن بھ پنھنجي ذاتي يا مالي معلومات ڪنھن سان شيئر نھ ڪن.
بيان ۾ چيو ويو آھي تھ شڪي رابطن جي صورت ۾ وڌيڪ معلومات لاءِ شھري ايف آءِ اي جي ھيلپ لائين 1991 تي بھ رابطو ڪري سگھن ٿا.
ڊجيٽل رائيٽس فائونڊيشن جو الرٽ

ان کان اڳ ھن ئي ھفتي ڊجيٽل رائيٽس فائونڊيشن (ڊي آر ايف) ھڪ الرٽ جاري ڪيو ھو، جنھن ۾ ھڪ جعلي اسڪيم جي باري ۾ خبردار ڪيو ويو ھو، ان اسڪيم تحت شھرين جا واٽس ايپ اڪائونٽ ڪنٽرول ۾ ورتا وڃن ٿا.
گذريل مھيني نيشنل سائيبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي اسلام آباد ۾ ھڪ غير قانوني ڪال سينٽر تي ڇاپو ھڻي 5 پرڏيھين کي گرفتار ڪيو ھو.
نيشنل سائيبر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم مئي ۾ ھڪ ايڊوائيزري جاري ڪندي دعويٰ ڪئي ھئي تھ پاڪستان جي 18 ڪروڙ کان وڌيڪ انٽرنيٽ واھپيدارن جا لاگ اِن تفصيل ۽ پاس ورڊ ھڪ عالمي ڊيٽا ليڪ ۾ چوري ٿي چڪا آھن.
ان ايڊوائيزري ۾ عوام کي فوري حفاظتي قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي وئي ھئي.
ڊي آر ايف جي الرٽ موجب ان اسڪيم تحت جعلي فون ڪالز ذريعي ھڪ ڪوڊ گھريو وڃي ٿو ۽ اھو ڏيڻ جي صورت ۾ شھرين جا واٽس ايپ اڪائونٽ قبضي ۾ ورتا وڃن ٿا.