ڪراچي ۾ جشن آزادي تي هوائي فائرنگ، گولي لڳڻ سبب عورت مارجي وئي، 70 کان وڌيڪ زخمي

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي 79هين جشن آزادي جي موقعي تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس جي سخت وارننگ باوجود هوائي فائرنگ جا واقعا سامهون آيا، جنهن جي نتيجي ۾ نامعلوم طرف کان آيل گولي لڳڻ سبب هڪ عورت مارجي وئي ۽ 70 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.

ملڪ جي ٻين حصن وانگر ڪراچي ۾ به جشن آزادي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، پر رات 12 وڳي کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ جشن دوران هوائي فائرنگ شروع ٿي وئي.

ريسڪيو اختيارين موجب، هوائي فائرنگ دوران نامعلوم طرف کان آيل گولي لڳڻ سبب هڪ عورت مارجي وئي.

ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب زخمين کي جناح اسپتال، سول اسپتال ۽ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

زخمين مان ڪجهه ماڻهن کي گوليون لڳڻ سان گڏ جشن دوران ٻين حادثن ۾ به زخمي ٿيڻ جون رپورٽون سامهون آيون آهن.

ڪراچي پوليس جشن آزادي جي موقعي تي شهرين کي اڳواٽ خبردار ڪيو هو ته هوائي فائرنگ کان مڪمل طور پاسو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهڙي فائرنگ انساني جانن لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿي.

ان باوجود رات 12 وڳي سان ئي شهر جي مختلف علائقن مان هوائي فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا.

هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ نامعلوم طرف کان ايندڙ گولين عام شهرين کي نشانو بڻايو، جنهن سبب هڪ عورت جي فوت ٿيڻ ۽ 70 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو.

عملدارن پاران شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته جشن آزادي جي خوشي ضرور ملهايو، پر هوائي فائرنگ سميت اهڙين سرگرمين کان پاسو ڪيو وڃي، جيڪي ٻين ماڻهن جي جان ۽ مال لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿيون.

هوائي فائرنگ مان نڪرندڙ گولي ڪنهن به هنڌ ڪري سگهي ٿي ۽ بيگناهه ماڻهو ان جو شڪار ٿي سگهن ٿا، جنهن جو تازو مثال ڪراچي ۾ هڪ عورت جي فوت ٿيڻ ۽ 70 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ سامهون آيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں