مير رضا جو پهريون پوسٽ مارٽم ڪندڙ ايم ايل او ڊاڪٽر اسامه کي عهدي تان هٽايو ويو

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي گلستانِ جوهر مان فوت ٿيل حالت ۾ هٿ آيل نوجوان مير رضا جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي مقتول جو پهريون پوسٽ مارٽم ڪندڙ ميڊيڪو ليگل آفيسر (ايم ايل او) ڊاڪٽر اسامه شيخ کي عهدي تان هٽايو ويو آهي.

اختيارين موجب ڊاڪٽر اسامه شيخ کي مير رضا جي پوسٽ مارٽم ۾ سنگين غلطيون سامهون اچڻ کانپوءِ ايم ايل او جي عهدي تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته انڪوائري دوران ڊاڪٽر اسامه کي لاڳاپيل آفيسرن آڏو پيش ٿي وضاحت ڏيڻي پوندي.

ٻئي طرف مير رضا جي موت واري واقعي جي جاچ لاءِ واقعي واري هنڌ جي جيو فينسنگ پڻ ڪرائي وئي آهي. جاچ ذريعن موجب واقعي واري هنڌ جي چوڌاري ٽن موبائل فون ڪمپنين جا ٽاور موجود آهن، جن مان جيو فينسنگ دوران گلستانِ جوهر جي مختلف بلاڪن جون لوڪيشنز سامهون اچي رهيون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي کي ڪيترائي ڏينهن گذري وڃڻ سبب جيو فينسنگ جي عمل ۾ جاچ ٽيم کي ڪجهه مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ ۽ لاش ملڻ واري هنڌ جي چوڌاري مختلف شاهديون پڻ گڏ ڪيون ويون آهن.

جاچ دوران مير رضا جي اسمارٽ واچ جي معلومات پڻ حاصل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واچ مان مڪمل ڊيٽا حاصل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.

ياد رهي ته 8 آگسٽ تي مير رضا جي قبر ڪشائي کانپوءِ ڪيل پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ ۾ سندس جسم تي تشدد جا نشان سامهون آيا هئا.

رپورٽ موجب مير رضا جي جسم تي گولي لڳڻ جو نشان، ٽٽل پاسراٽيون، مٿي ۽ چهري تي زخمن جا نشان، جڏهن ته ساڄي ران ۾ به فريڪچر ۽ زخم جا نشان مليا.

ذريعن موجب قبر ڪشائي دوران مجموعي طور 17 نمونا حاصل ڪيا ويا، جڏهن ته مير رضا جي والدين جا نمونا پڻ ڊي اين اي ميچنگ لاءِ ورتا ويا آهن. نمونا فارنزڪ جاچ لاءِ جامعہ ڪراچي جي فارنزڪ ليبارٽري ۾ جمع ڪرايا ويندا.

مير رضا علي خان 28 جولاءِ تي ڪراچي جي پي اي سي ايڇ ايس واري علائقي مان گم ٿيو هو. پوليس موجب هو صبح سوير آن لائن ٽيڪسي ذريعي گهران روانو ٿيو، جنهن کان ٻه ڏينهن پوءِ سندس لاش گلستانِ جوهر مان مليو هو.

پوليس موجب لاش خراب حالت ۾ مليو هو ۽ سندس سيني ۾ گولي لڳل هئي. واقعي کان هڪ ڏينهن اڳ سندس سمورا سوشل ميڊيا اڪائونٽس پڻ بند ڪيا ويا هئا.

مير رضا جي وارثن موجب سندس 30 آگسٽ تي گلشنِ اقبال جي بيت المڪرم مسجد ۾ نڪاح رٿيل هو ۽ هو پنهنجي نئين زندگي شروع ڪرڻ لاءِ خوش هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں