ڪراچي ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي دوران مزاحمت، پوليس تي حملي ۾ ايس ايڇ او زخمي

فہرستِ مضامین

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ڪراچي جي علائقي سمن آباد ۾ حددخلين خلاف آپريشن دوران هوٽل مالڪن ۽ سندن ڪارندن جي پوليس تي مبينا حملي ۾ حيدري مارڪيٽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او ۽ هڪ سپاهي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب سمن آباد ۾ پوليس ۽ ضلعي انتظاميا پاران حددخلين خلاف آپريشن ڪيو پئي ويو، جنهن دوران هوٽل مالڪن ۽ سندن ڪارندن مبينا طور پوليس تي حملو ڪري ڏنو.

پوليس جو چوڻ آهي ته حملي جي نتيجي ۾ حيدري مارڪيٽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او ۽ هڪ سپاهي زخمي ٿيا، جڏهن ته ٽائون ميونسپل انتظاميا جا ڪجهه اهلڪار پڻ زخمي ٿيا.

پوليس موجب واقعي کانپوءِ ڪارروائي ڪندي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں