چين ۾ مڇرجي چڪ سان پکڙجندڙ چڪن گونيا جا 7 ھزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ اتان جي حڪومت ھنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن.
چين جي حڪومت موجب گوائندونگ صوبي ۾ جولاءِ 2025 کان وٺي ھن وقت تائين چڪن گونيا ڪيسز ۾ لڳاتار واڌ ٿي رهي آهي، جڏهن ته فوشان شهر هن وبا کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي.
گوائندونگ صوبي جي گهٽ ۾ گهٽ 12 شهرن ۾ هن وائرس سان متاثر مريضن جو انگ تعداد تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي رڳو گذريل هفتي دوران 3,000 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
ٻئي پاسي، هانگ ڪانگ ۾ به هن وائرس جو هڪ ڪيس سامهون آيو آهي، جڏهن فوشان مان واپس آيل 12 سالن جي ٻار کي تيز بخار ۽ جسماني سور سبب اسپتال نيو ويو.
چڪن گونيا جون علامتون
چين جي سرڪاري اختيارين موجب وڌيڪ ڪيسز ۾ بيماري جون علامتون انتهائي شديد نه آهن ۽ 95 سيڪڙو مريض هڪ هفتي اندر صحتياب ٿي رهيا آهن. بهرحال، عوامي سطح تي پريشاني وڌي وئي آهي ڇاڪاڻ ته اهو وائرس چين ۾ نئون آهي.
طبي ماهرن موجب چڪن گونياهڪ وائرل بيماري آهي جيڪا خاص طور تي ايڊيز ايجپٽائي ۽ ايڊيز ايلبوپڪٽس نالي مڇرن جي ذريعي پکڙجي ٿي. هي بيماري جيتوڻيڪ موت جو سبب نه بڻجندي آهي، پر ان جون علامتون تڪليف ڏيندڙ ۽ ڊگهي مدي واريون ٿي سگهن ٿيون.
ھن بيماري جي علامتن ۾ تيز بخاري،جسم ۾ سخت سور، خاص ڪري پيرن ۽ ٻانھن ۾ شديد قسم جو سور محسوس ڪيو ويندو آھي، ان کان علاوھ مٿي ۾ سور، ٿڪاوٽ ۽ منھن تي ڳاڙھا داڻا بھ ھن بيماري جون نشانيون آھن.
چڪن گونياجو ڪوبه مخصوص علاج يا ويڪسين موجود ناهي. علاج عام طور تي علامتن جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ دوا، آرام ۽ جسماني سور لاءِ ٿڌو پيڪ وغيره شامل آهن.
احتياطي تدبيرون

چڪن گونيا کان بچڻ لاءِ مختلف احتياطي تدبيرون ڏنيون ويون آھن، جن ۾ مڇر داڻين جو استعمال، سج جي تپش وقت پوري جسم کي ڍڪيندڙ ڪپڙا پائڻ، گھرن ۽ گھٽين ۾ کليل ھنڌن تي پاڻي بيھڻ نھ ڏيڻ شامل آھن، ان کان علاوھ دروازن ۽ درين ۾ سنھيون ڄاريون لڳائڻ جو بھ چيو ويو آھي.
چين جي اختيارين اعلان ڪيو آهي ته جن ماڻهن جي لاپرواهي سبب پاڻي بيهندو ڏٺو ويو، انهن تي 10,000 يوآن تائين جرمانو لاڳو ٿي سگهي ٿو.
ياد رهي ته چين ۾ ان کان اڳ ڊسمبر 2019 ۾ ووهان صوبي مان ڪورونا وائرس جي تشخيص ٿي هئي، جنهن سبب ملڪ ۾ وڏي پيماني تي بحران آيو هو ۽ 82,000 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا. ان وقت به حڪومت سخت حفاظتي قدم کنيا هئا.
چِڪنگنيا وائرس جي تيزيءَ سان پکڙجڻ سبب چين جي صحت نظام لاءِ نئون چئلينج پيدا ٿي ويو آهي، جتي اڳ ئي سخت حفاظتي ضابطا ۽ وبائي روڪٿام جون حڪمت عمليون لاڳو ڪيون پيون وڃن. عوام کي به اپيل ڪئي وئي آهي ته هو احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪن ته جيئن هن وائرس کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي سگھجي.