جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ هڪ جهنگلي ڀولڙو علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکيڙي ڇڏيو، جنهن جي حملن سبب 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته صورتحال کي نظر ۾ رکندي 40 اسڪول پڻ عارضي طور بند ڪيا ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب انڊونيشيا جي ٻيٽ سوماترا ۾ هڪ جهنگلي ڀولڙو لڳ ڀڳ ٻن هفتن تائين شهرين تي اوچتو حملا ڪندو رهيو، جنهن سبب علائقي ۾ خوف جي صورتحال پيدا ٿي وئي هئي.
مقامي اختيارين موجب ڀولڙي جي حملن ۾ زخمي ٿيل ڪيترن ئي ماڻهن کي اسپتالن ۾ علاج فراهم ڪيو ويو، جڏهن ته ڪجهه زخمين کي هڪ درجن کان وڌيڪ ٽانڪا پڻ لڳايا ويا. متاثر ماڻهن کي ريبيز کان بچاءَ لاءِ حفاظتي ويڪسين به ڏني وئي.
رپورٽن موجب ڀولڙي جي خوف سبب علائقي جي 40 اسڪولن کي عارضي طور بند ڪيو ويو ۽ شاگردن لاءِ آن لائن تعليم جو انتظام ڪيو ويو.
عملدارن طرفان اسڪولن کي هدايت ڪئي وئي هئي ته صورتحال بهتر ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر کوليا وڃن.
مقامي ريسڪيو ۽ جهنگلي جيوت جي ٽيمن گڏيل ڪارروائي ڪندي آخرڪار خوف پکيڙيندڙ ڀولڙي کي پڪڙي ورتو.
اختيارين موجب ٻن هفتن کانپوءِ خميس ڏينهن شهر ۾ لڳايل خاص پنجري ذريعي ڀولڙي کي زنده پڪڙيو ويو، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ پيدا ٿيل خوف واري صورتحال ختم ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.