پنجاب ۾ ڪڻڪ جو في مڻ اگهه 3,800 رپيا مقرر، ماني جي قيمت  15 رپيا برقرار

فہرستِ مضامین

لاھور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ڪڻڪ جي نئين رليز قيمت في مڻ 3,800 رپيا مقرر ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته عوام کي 15 رپين ۾ ماني فراهم ڪرڻ جو فيصلو به برقرار رکيو ويو آهي.

پنجاب حڪومت ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ڪڻڪ جي نئين رليز قيمت في مڻ 3,800 رپيا مقرر ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو باقاعده نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

فوڊ سيفٽي اينڊ ڪنزيومر پروٽيڪشن کاتي جي ترجمان موجب وفاقي حڪومت پنجاب کي پاڪستان ايگريڪلچرل ڪموڊٽيز اسٽوريج اينڊ سروسز ڪارپوريشن کان فوري طور ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته صوبي کي 3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته پنجاب اڳ ئي 2 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ حاصل ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پاسڪو طرفان ڪڻڪ جي قيمت في مڻ 4,150 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته اهو قدم صوبي ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ مارڪيٽ ۾ قيمتن کي مستحڪم رکڻ لاءِ کنيو ويو آهي.

پنجاب حڪومت واضح ڪيو آهي ته عوام کي 15 رپين ۾ ماني جي فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائي ويندي.

ترجمان موجب پنجاب حڪومت 8 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ طلب ڪئي هئي، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ صوبي لاءِ 5 لک 33 هزار 440 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ مختص ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف قومي خوراڪ تحفظ واري وزارت پنجاب حڪومت کي ڪڻڪ جي خريداري بابت شيڊيول ۽ اڳواٽ ادائيگي جلد جمع ڪرائڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں