اسرائيلي وزيراعظم جي مسجد الاقصيٰ آمد، پاڪستان جو سخت رد عمل

فہرستِ مضامین

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  اسرائيل جي قومي سلامتي واري وزير اتمار بين گوئر (Itamar Ben-Gvir) پاران يروشلم ۾ فليش پوائنٽ الاقصيٰ مسجد جي احاطي جو دورو ڪرڻ کانپوءِ مسلمان ملڪن پاران سخت ردعمل سامهون آيو آهي.

پاڪستان به اسرائيلي وزير جي دوري ۽ انکانپوءِ ڪيل دعوائن جي سخت مذمت ڪندي چيو آھي تھ  اسرائيلي جا اھڙا قدم فلسطين ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن.

اسرائيل جي قومي سلامتي واري وزير آچر ڏھاڙي فليش پوائنٽ الاقصيٰ مسجد جي احاطي جو دورو ڪيو ۽ چيو ته هن اُتي نماز ادا ڪئي.

انساني ضمير تي سڌو حملو

وزيراعظم شهباز شريف سوشل ميڊيا پليٽفارم “ايڪس” تي لکيو ته مسجد اقصيٰ اسلام جي مقدس ترين ماڳن مان هڪ آهي، اهڙي بي حرمتي نه رڳو هڪ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جي عقيدي جي توهين آهي پر عالمي قانون ۽ انساني ضمير تي به سڌو سنئون حملو آهي.

وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته اسرائيل جا اھڙا قدم فلسطين ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي هوا ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان فوري جنگ بندي، هر قسم جي جارحيت جي خاتمي، ۽ هڪ قابل اعتبار امن عمل جي بحالي جو مطالبو ورجائي ٿو، جيڪو هڪ آزاد ۽ قابل عمل فلسطيني رياست جي قيام ڏانهن وٺي وڃي.

مسجد اقصيٰ جي حيثيت بدلائڻ جي ڪوشش

پاڪستان جي پرڏيهي آفيس به هڪ الڳ بيان جاري ڪندي اسرائيلي عمل جي مذمت ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته سينيئر اسرائيلي اختيارين جي موجودگي ۽ اعلان ته “ٽيمپل ماونٽ اسانجو آهي” نه رڳو هڪ خطرناڪ ۽ ڄاڻي واڻي دل آزاري ڪندڙ عمل آهي، پر دنيا ڀر ۾ مذهبي جذبن کي ڀڙڪائڻ، ڇڪتاڻ وڌائڻ ۽ مسجد اقصيٰ جي حيثيت بدلائڻ جي ڪوشش آهي.

پرڏيهي آفيس چيو ته اهي چڙ ڏياريندڙ قدم خطي ۾ تباهي آڻيندڙ تشدد جي لهر کي جنم ڏئي سگهن ٿا، اسرائيل جون توسيع پسند ڪوششون خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ امن جي  رستي۾ رنڊڪ بڻجڻ جي ڪوشش آهي.

تڪرار ڇا آهي؟

مسجد اقصيٰ 35 ايڪڙ جي احاطي ۾ چانديءَ جي گنبذ واري مسجد جو نالو آهي، جنهن کي مسلمان “الحرم الشريف” يا “نوبل سينڪچري” ۽ يهودي “ٽيمپل ماونٽ” چون ٿا، ھي مسجد يروشلم جي پراڻي شهر ۾ واقع آهي، جنهن کي گڏيل قومن جي ثقافتي اداري يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏنو آهي، ۽ اها ٽن ابراهيمي مذهبن لاءِ انتهائي اهم آهي.

مغربي ڪناري ۽ غزه پٽي سان گڏ، 1967ع ۾ پراڻي شهر سميت مشرقي يروشلم تي اسرائيل جي قبضي کان پوءِ، هي مقام مقدس سرزمين جو سڀ کان وڌيڪ تڪراري علائقو بڻجي ويو آهي. بهرحال، هي تڪرار اسرائيل جي قيام کان اڳ جو آهي.

گذريل سالن دوران، اسرائيلي حڪومت پراڻي شهر ۽ مشرقي يروشلم تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۽ ان کي يهودي بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا آهن. 1980ع ۾، اسرائيل هڪ قانون پاس ڪيو جنهن تحت يروشلم کي اسرائيل جو “مڪمل ۽ گڏيل” گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو ويو، جيڪو بين الاقوامي قانونن جي خلاف ورزي آهي. اڄ به دنيا جو ڪو به ملڪ يروشلم تي اسرائيل جي مالڪي يا ان جي جاگرافيائي ۽ آبادي جي ڍانچي کي بدلائڻ جي ڪوششن کي تسليم نٿو ڪري.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں