آمريڪا ۾ پرڏيهي شاگردن لاءِ نوڪري مهانگي، هڪ لک ڊالر فيس وٺڻ جي تجويز

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پرڏيهي شاگردن لاءِ گريجوئيشن کانپوءِ آمريڪا ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ جو رستو وڌيڪ سخت بڻائڻ تي غور ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ ”آپشنل پريڪٽيڪل ٽريننگ“ پروگرام مان فائدو وٺڻ لاءِ هڪ لک آمريڪي ڊالر فيس لاڳو ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي.

آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب، ٽرمپ انتظاميا او پي ٽي پروگرام لاءِ هڪ لک ڊالر فيس لاڳو ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، جڏهن ته ان حوالي سان اڃا تائين ڪو باضابطه اعلان ناهي ڪيو ويو.

هن وقت او پي ٽي پروگرام تحت پرڏيهي شاگردن کي ڊگري مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هڪ سال تائين آمريڪا ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي، جڏهن ته سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي جي شاگردن کي ان ۾ وڌيڪ ٻن سالن جي واڌ پڻ ملي سگهي ٿي.

رپورٽ موجب، هي پروگرام بعد ۾ آمريڪي ورڪ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ اهم ذريعو سمجهيو ويندو آهي.

حڪومتي موقف موجب، ڪجهه ماڻهن هن پروگرام جو ويزا فراڊ ۽ مقرر مدي کان وڌيڪ آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ غلط استعمال ڪيو آهي، جنهن سبب نيون پابنديون آڻڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٽرمپ انتظاميا اڳ به نون ورڪ ويزا درخواست ڏيندڙن تي هڪ لک ڊالر فيس لاڳو ڪئي هئي، پر آمريڪي وفاقي اپيل عدالت ان فيصلي تي عملدرآمد عارضي طور روڪي ڇڏيو هو.

تعليمي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هي تجويز منظور ٿي وئي ته وڏي انگ ۾ پرڏيهي شاگرد آمريڪا بدران برطانيا، ڪينيڊا، جرمني ۽ آسٽريليا جهڙن ملڪن جو رخ ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته آمريڪا ۾ اڳ ئي تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد به غيريقيني صورتحال کي منهن ڏيندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں