شھيد ناظم جوکيو جي بيوهه شيرين جوکيو پنھنجي ھڪ وڊيو بيان ۾ وضاحت ڪندي چيو آھي تھ ھن ٻي شادي نھ ڪئي آھي ۽ ان حوالي سان ھلندڙ خبرون ڪوڙيون ۽ بي بنياد آھن.
سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل پنھنجي وڊيو بيان ۾ شيرين جوکيو چيو تھ پرڏيھھ ۾ ويٺل ھڪ وي لاگر اھڙيون ڪوڙيون خبرون ھلائي رھيو آھي، ھن چيو تھ وي لاگر پنھنجي پوسٽ ۾ چيو آھي تھ مون پنھنجي ڏير سان شادي ڪئي آھي.
شيرين جوکيو چيو تھ منھنجو ساھرن جي خاندان سان ڪو تعلق نھ آھي، منھنجو سمورو ڌيان پنھنجي ٻارن تي آھي، ھن الزام ھڻندي چيو تھ منھنجي مڙس ناظم جوکيو جو خون پئسا وٺي لوڙھيو ويو.
شيرين جوکيو چيو تھ منھنجو ساھرن جي خاندان سان ڪو تعلق نھ آھي، منھنجو سمورو ڌيان پنھنجي ٻارن تي آھي، ھن الزام ھڻندي چيو تھ منھنجي مڙس ناظم جوکيو جو خون پئسا وٺي لوڙھيو ويو.
ناظم ڪڏهن قتل ٿيو؟
نومبر 2021 ۾ ملير جي رھواسي نوجوان ناظم جوکيو سوشل ميڊيا تي ھڪ وڊيو پوسٽ ڪئي ھئي، جنھن ۾ ھو ملير جي ميمڻ ڳوٺ ۾ ڪجھھ پرڏيھين کي پکين جو شڪار ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو، جنھن بعد سندس تشدد ٿيل لاش مليو ھو
مارجي ويل نوجوان ناظم الدين عرف ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو ڀاءُ جو قتل ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ھو تھ ملير جي سالار ڳوٺ ۾ ڪجھھ پرڏيھي شھري مبينا طور تلور جي شڪار لاءِ سندن ڳوٺ ۾ آيا ھئا، سندس ڀاءُ ناظم جوکيو پرڏيھي شھرين کي شڪار ڪرڻ کان روڪيو ۽ سندن وڊيو ٺاھي.
ڄام اويس گهرام جوکيو تي الزام لڳا
درخواستگذار ايف آءِ آر ۾ الزام لڳايو ھو تھ ساڳي رات جو 11 ھين وڳي ناظم جوکيو ۽ سندس ڀاءُ کي پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر ڄام اويس عرف گھرام طلب ڪيو ھو، جتي ھو اتي پھتا تھ ڄام اويس پنھنجي ماڻھن سان گڏجي ناظم جوکيو کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو ھو.
افضل جوکيو الزام ھنيو تھ ھو ڄام اويس تي انڌو اعتماد ڪري پنھنجي ڀاءُ کي وٺي ويو، ان ڪفن ۾ سندس ڀاءُ کي واپس ڪيو، کيس ڄاڻ نھ ھئي تھ انسان زندگي کان وڌيڪ تلور اھم آھي.
ايف آءِ آر ۾ ڊيوٽي تي موجود پوليس آفيسر يونس بٽ جو چوڻ ھو تھ کيس معراج نالي شخص ٽيليفون تي اطلاع ڏنو ھو تھ ڄام ڳوٺ ٻاھران ھڪ ڄڻي جو تشدد ٿيل لاش مليو آھي، جنھن کي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.
شيرين جي معافي ۽ ڊيل
ناظم جوکيو قتل ڪيس تقريبن ھڪ سال عدالتن ۾ ٻڌڻي ھيٺ رھڻ کانپوءِ ناظم جوکيو جي بيوھھ شيرين جوکيو ھڪ بيان جاري ڪندي جوابدارن کي معاف ڪيو ھو.
ھڪ وڊيو بيان جاري ڪندي شيري جوکيو چيو ھو تھ ھوءَ ھن ڪيس ۾ سمورن جوابدارن کي معاف ڪري رھي آھي، کيس ڊيل جي ڪا بھ آڇ ناھي ٿي، ھن مامرو اللھ تعاليٰ تي ڇڏيو آھي.
شيرين جوکيو جي اھڙي بيان کانپوءِ مختلف وقتن تي ڊيل جا افواھھ بھ سامھون آيا ھئا، جنھن ۾ پئسن ۽ نوڪري عيوض ڊيل ٿيڻ جون ڳالھيون سامھون آيون ھيون پر فريادي ڌر ڪڏھن ان معاملي جي تصديق نھ ڪئي.
عدالت ۾ راضي نامو لکي ڏيڻ کانپوءِ عدالت جوابدار ڄام اويس کي قتل ۽ اغوا جي ڪيس ۾ آزاد ڪري ڇڏيو ھو.