واشنگٽن: آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪندڙ پرڏيهي شاگردن جي ويزائن ۾ واڌ کي سخت جاچ پڙتال سان مشروط ڪيو ويو آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب، هوم لينڊ سيڪيورٽي کاتي نون ضابطن جو اعلان ڪيو آهي، جن تحت “مدتِ قيام” واري قانوني شق کي باضابطه طور ختم ڪيو ويو آهي.
آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته هن شق سبب پرڏيهي شاگردن، ايڪسچينج پروگرام تحت آمريڪا ايندڙن ۽ غير ملڪي ميڊيا جي نمائندن کي معمولي سرڪاري نگراني سان اڻڄاتل مدي تائين آمريڪا ۾ رهڻ جي سهولت حاصل هئي.
نئين ضابطن تحت ايف، جي، ۽ آءِ ويزا رکندڙ پرڏيھين لاءِ آمريڪا ۾ داخلا ۽ رهائش لاءِ مدو مقرر ڪيو ويو آهي.
ضابطن موجب ايف ۽ جي ويزا جي وڌ کان وڌ مدت چار سال هوندي، جڏهن ته ويزا ۾ واڌ لازمي طور وفاقي منظوري سان مشروط هوندي.
ويزا ۾ واڌ لاءِ درخواست ڏيندڙن کي بايو ميٽرڪ تصديق، پس منظر جي جاچ ۽ فراڊ جي ڇنڊڇاڻ سميت مختلف مرحلن مان گذرڻو پوندو.
آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب ايف ون ويزا رکندڙ شاگردن لاءِ تعليم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ڇڏڻ جو رعايتي مدو 60 ڏينهن مان گهٽائي 30 ڏينهن ڪيو ويو آهي.