پنجاب جي شهر قصور ۾ گهٽيءَ ۾ کيڏندڙن معصوم ٻارڙي سان غير اخلاقي حرڪتون ڪندڙ جوابدار کي پوليس سومر ڏهاڙي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙيءَ جي دانهن تي پاڙيسري ٻاهر آيا ته جوابدار فرار ٿي ويو هو، واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کانپوءِ پوليس سي سي ٽي وي فٽيج سول ميڊيا تي وائرل ڪيا هئا.
ٻارڙن سان زيادتي خلاف ڪم ڪندڙن تنظيم ساحل جي تازي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال جنوري کان جون تائين (6 مهينن) ۾ 19 سئو 56 ٻارڙن سان استحصال جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ڪجهه اهڙا واقعا به آهن، جيڪي معاشري جي ڊپ کان رپورٽ ئي ناهن ٿيا.
ساحل جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سال 2024 ۾ ٻارڙن جي استحصال ۽ زيادتي بابت ڪالهه رپورٽ ٿيندڙ ڪيسز جو انگ سموري سال ۾ 33 سئو 64 هو، پر هلندڙ سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ ئي 1900کان ڪيس وڌي ويا آهن.
جوابدار جو زخمي ۽ گرفتار ٿيڻ!
اوڪاڙا جي شاهه عنايت ڪالوني ۾ وائرل وڊيو ۾ نظر ايندڙ متاثر ٻارڙي جي چاچي صحافين کي ٻڌايو ته پوليس اسان جي درخواست تي فوري طور ڪيس داخل ڪري ڪارروائي شروع ڪئي ۽ ايندڙ ڏينهن جوابدار زخمي حالت ۾ پڪڙيو ويو.
جوابدار 3 ڏينھن اڳ شاھ عنايت ڪالوني جي گھٽيءَ ۾ کيڏندڙ معصوم ٻارڙيءَ سان فحش حرڪتون ڪيون ھيون ۽ واقعي جا فٽيج سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا ھئا.
جوابدار جي سڃاڻپ اوڪاڙا جي رھواسي ناصر وٽو طور ٿي، جيڪو قصور ۾ تعمير ٿيندڙ ھڪ گھر تي مزدوري ڪري رھيو ھو. ڊي پي او قصور محمد عيسيٰ خان وائرل فٽيج منظرعام تي اچڻ بعد واقعي جو نوٽيس وٺندي سندس گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا ھئا.
قصور پوليس موجب جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ ور ۾ لڳل پسٽل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي تھ فائر ٿي ويو ۽ گولي سندس نازڪ عضوي ۾ لڳي، جوابدار کي علاج لاءِ ڊسٽرڪٽ ھيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.
متاثر نينگري جي والد فوري انصاف جي فراھمي تي قصور پوليس جا ٿورا مڃيا، ڊي پي او محمد عيسيٰ خان متاثر نينگري جي گھر وڃي کيس گلدستو پيش ڪيو ۽ سندس والد سان ڳالھائيندي چيو تھ عورتن ۽ معصوم ٻارن سان جنسي زيادتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.