سنڌو درياھ ۽ چناب ۾ چاڙھ، ۽ پنجاب جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ

فہرستِ مضامین

ڊبليو ٽي اين ويب ڊيسڪ+نمائندا

سنڌو درياھ ۽ چناب ۾ چاڙھھ ۽ ٻوڏ سبب پنجاب جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ ھيٺ اچي ويا آھن ۽ ھزارين ماڻھو بي گھر ٿي ويا آھن. سنڌو درياھ جي وھڪرن راجنپور ۾ بيٺل فصلن کي تباھھ ڪري ڇڏيو آھي، جڏهن ته گڊو وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي.

سنڌو درياھ ۾ چاڙھھ سبب تونسا ۽ ڊي جي خان جا ضلعا بھ متاثر ٿيا آھن، ليا ۽ تونسا ۾ ان وقت خوف پکڙجي ويو، جڏھن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران ٺاهيل گائيڊ بند ۾ روڻ پئجي وئي، اھو بند ليا-تونسا پل جي حفاظت لاءِ ٺاهيو ويو هو.

پاڻيءَ جي وھڪرن ۾ پل محفوظ آھي پر بند ۾ روڻ پوڻ سبب تونسا، بستي ڪمهاران، بستي منگوٿا ۽ بستي صاحب والا جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آھن ۽ انھن علائقن جي ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو ويو آھي، ريسڪيو ۽ امدادي ڪارروائيون جاري آھن.

بي گهر ماڻهو سرڪاري مدد جا منتظر

تونسه ۾ بيت اشرف ۽ جرد لغاري ڳوٺن جا سوين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽ سرڪاري مدد جي انتظار ۾ آهن، سندن گهر ۽ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جنهن ڪري کين محفوظ علائقن ڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي.

جهنگ ۾ چناب درياءَ ۾ ٻوڏ سبب 10 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جتي فصل، رهائشي علائقا ۽ روڊ جو بنيادي ڍانچو تباهه ٿي ويو آهي.

جهلم ۽ چناب دريائن ۾ وچولي درجي واري ٻوڏ جا وھڪرا گذرڻ جا امڪان

موسميات کاتي موجب جهلم ۽ چناب دريائن ۾ 29 ۽ 31 جولاءِ جي وچ ۾ وچولي درجي واري ٻوڏ جا وھڪرا گذرڻ جا امڪان آھن، ڪابل درياھ جي مددگار ندين ۽ ڊي جي خان جي پھاڙي وهڪرن ۾ به ٻوڏ جھڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي.

تونسا ۽ گڊو ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته تربيلا، ڪالاباغ، چشمه ۽ سکر ۾ ھيٺين درجي جي ٻوڏ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

پنجاب ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي رپورٽ موجب، مون سون جي وسڪارن دوران صوبي اندر مختلف واقعن ۾ 152 ڄڻا فوت ۽ 539 زخمي ٿيا آهن. 210 گهرن کي نقصان پهتو آهي ۽ 121 ڍور بھ مري ويا آهن.

سنڌ ۾ وچولي ٻوڏ ڊڪليئر

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي وھڪرن ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رھيو آھي ۽ ٽنھي بيراجز وٽ پاڻيءَ جي سطح وڌي رھي آھي. گڊو بيراج وٽ ٽئين ڏينهن بھ پاڻي جي سطح وڌڻ کان پوءِ وچولي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران گڊو بيراج تي پاڻي جو وهڪرو ست هزار ڪيوسڪ وڌي ويو آهي، جنهن کانپوءِ پاڻي جو مٿيون وهڪرو 4 لک 23 ھزار 186 ڪيوسڪس ۽ ھيٺيون وھڪرو 3 لک 87 ھزار 50 ڪيوسڪس ريڪارڊ ڪيو ويو آھي.

گڊو بئراج مان نڪرندڙ ڪينال ڊيزرٽ پٽ فيڊر ۾ يارهن هزار چار سئو چاليهه ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي، بيگاري سنڌ فيڊر ۾ پندرهن هزار 36 ڪيوسڪ ۽ گهوٽڪي فيڊر ۾ 9 هزار 6 سئو 60 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي.

پاڻي جي سطح وڌڻ کانپوءِ ڇهين ڏينهن بھ سکر بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سکر بئراج تي پاڻي جو مٿانھون وھڪرو 3 لک 60 ھزار 80 ۽ ھيٺاھون وھڪرو 3 لک 8 سئو 80 ڪيوسڪس ريڪارڊ ڪيو ويو.

ڪوٽڙي بئراج تي بھ پاڻي جي سطح پڻ وڌي رهي آهي. ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جو مٿانهون وھڪرو ھڪ لک پنجاھ ھزار 4 سئو 12 ڪيوسڪس ۽ ھيٺاھون وھڪرو ھڪ لک 7 ھزار 946 ڪيوسڪس ريڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں