اسلام آباد-ٽي ڊبيلو اين
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيٽر اعجاز چوڌري، ايم اين اي محمد احمد چٺه ۽ پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر احمد خان ڀچر جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪميشن سينيٽر اعجاز چوڌري جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو آهي ته اعجاز چوڌري کي دهشتگردي روڪٿام واري عدالت ڏوهي قرار ڏئي 10 سالن جي سزا ٻڌائي آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب اعجاز چوڌري آرٽيڪل 63 ون ايچ تحت سينيٽ جو رڪن رهڻ جو اهل نه رهيو آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان ايم اين اي محمد احمد چٺه ۽ پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر احمد خان ڀچر جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب دهشتگردي روڪٿام واري عدالت احمد چٺه ۽ احمد خان ڀچر کي ڏوهي قرار ڏيندي 10 سالن جي سزا ٻڌائي آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب احمد چٺه اين اي 66 وزيرآباد ۽ احمد خان ڀچر پي پي 87 ميانوالي مان پنجاب اسيمبلي جا ميمبر هئا.
9مئي ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي بري، ياسمين راشد ۽ ٻين کي 10-10 سال قيد جي سزا
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي بري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ ميان محمود الرشيد سميت ٻين کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد ڪوٽ لکپت جيل ۾ رات جو جوابدارن جي موجودگي ۾ ٻڌڻي ڪئي ۽ فيصلو محفوظ ڪيو.
عدالت شير پائو پل تي ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي سميت 6 جوابدارن کي بري ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو، پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيمه، ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ ميان محمود الرشيد سميت 8 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي.