ڪراچي / نوشهروفيروز / ڪوئيٽا:(نمائندن وٽان ) اڳوڻي ايڪسائيز کاتي جي ريٽائرڊ سرڪاري آفيسر، ليکڪ ۽ ڪھاڻيڪار سعيد ميمڻ جي اغوا کي 42 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر هو اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سندس وارثن، صحافين، وڪيلن، قومپرست ڌرين ۽ سول سوسائٽي طرفان احتجاجي مظاهرن ۽ ريليون ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي، جن ۾ سعيد ميمڻ جي فوري ۽ محفوظ بازيابي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.
سعيد ميمڻ کي 17 مئي 2026ع تي بلوچستان جي خضدار ڀرسان سوراب روڊ تان ان وقت اغوا ڪيو ويو، جڏهن هو سنڌ ڏانهن واپس اچي رهيو هو. واقعي کان پوءِ سندس وارثن پاران مختلف فورمن تي بازيابي لاءِ آواز اٿاريو ويو، جڏهن ته سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا ويا آهن.
ان سلسلي ۾ بلوچ اڳواڻ اختر مينگل جي بيان کان پوءِ ڪيس نئين رخ اختيار ڪيو. اختر مينگل دعويٰ ڪئي ته سعيد ميمڻ سرڪاري ادارن وٽ نه، پر بلوچ ويڙهاڪن وٽ موجود آهي ۽ سندس آزادي لاءِ ڪوششون جاري آهن. سندس بيان کان پوءِ سعيد ميمڻ جي خاندان ۽ مختلف سياسي ڌرين ۾ اميد پيدا ٿي آهي ته معاملي جو جلد ڪو حل نڪري سگهي ٿو، جڏهن ته ان دعويٰ جي آزاد ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي آهي.
سنڌ جي مختلف شهرن، خاص طور نوشهروفيروز، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙن حڪومت، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هو هڪ ليکڪ، دانشور ۽ انساني حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ شخص آهي، جنهن جي محفوظ واپسي کي يقيني بڻايو وڃي.
سعيد ميمڻ جي گمشدگي وارو معاملو هاڻي سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ وڏي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. انساني حقن جي تنظيمن، صحافتي ادارن ۽ سياسي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سعيد ميمڻ کي جلد بازياب ڪري سندس وارثن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن هو ڪنهن گروهه جي تحويل ۾ آهي ته کيس بنا ڪنهن نقصان جي آزاد ڪيو وڃي.