فيلڊ مارشل عاصم منير جي چين ياترا، پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڀائيواري مضبوط ڪرڻ جو عزم

فہرستِ مضامین

بيجنگ: آرمي چيف فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير چين جي سرڪاري دوري دوران سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪيون آھن، ملاقاتن دوران پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڀائيواري مضبوط ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو،

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سرڪاري دوري تي چين ۾ موجود آھي، جتي ھن چين جي سياسي توڙي عسڪري قيادت سان اھم ملاقاتون ڪيون آھن.ملاقاتن دوران پاڪستان ۽ چين وچ ۾ موجود فولادي دوستي ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جو عزم ورجايو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير چين جي نائب صدر ھان زينگ ۽ پرڏيھي وزير وانگ زي سان ملاقاتون ڪيون، ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ فولادي دوستي ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي نئين سر تائيد ڪئي وئي.

ملاقاتن دوران خطي ۽ دنيا جي تبديل ٿيندڙ سياسي صورتحال، پاڪ چين اقتصادي راھداري منصوبي ۽ گڏيل جيو پوليٽيڪل چئلينجز کي منھن ڏيڻ لاءِ مربوط حڪمت عملين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنھي ڌرين پاران ٻطرفن لاڳاپن جي گھرائي تي اطمينان جو اظھار ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقاتن دوران خودمختيارين، گھڻ رخي سھڪار ۽ ڊگھي مدي واري علائقائي استحڪام جي عزم کي ورجايو ويو. چيني قيادت پاڪستان جي ھٿياربند فوجن کي ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي ضامن ۽ ھڪ مضبوط قوت قرار ڏنو.

فيلڊ مارشل جون چين جي فوج جي قيادت سان اھم ملاقاتون

فيلڊ مارشل عاصم منير چين جي نائب چيئرمين سينٽرل ملٽري ڪميشن (سي ايم سي) جنرل زانگ يوزيا، پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي سياسي ڪمشنر جنرل چن ھوئي ۽ پي ايل اي آرمي جي چيف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل ڪائي زان جن سان بھ ملاقاتون ڪيون.

پي ايل اي آرمي ھيڊڪوارٽرز پھچڻ تي چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جيڪو ٻنھي ھٿياربند فوجن وچ ۾ پراڻي دوستي جي علامت ھو.

فيلڊ مارشل جي چيني عسڪري قيادتن سان ملاقاتن دوران دفاعي ۽ سيڪيورٽي سھڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دھشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن، ٻطرفي تربيت، دفاعي جديديت ۽ ادارن جي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت ڳالھھ ٻولھھ ڪئي وئي.

چين جي فوجي قيادت پاران ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ

آءِ ايس پي آر موجب ڳالھھ ٻولھھ دوران ڌرين ھائبرڊ ۽ سرحد پار خطرن کي منھن ڏيڻ لاءِ آپريشنل ھم آھنگي ۽ اسٽريٽجڪ سھڪار وڌائڻ تي بھ زور ڏنو.

چين جي عسڪري قيادت پاڪستان سان دفاعي ڀائيواري تي مڪمل اعتماد جو اظھار ڪندي علائقائي امن جي واڌاري ۾ پاڪستان جي مک ڪردار جي واکاڻ ڪئي. فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير چين جي مستقل حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ سمورن شعبن ۾ فوجي سھڪار جو دائرو وڌائڻ جي عزم جو اظھار ڪيو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تھ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو دورو ٻنھي برادر ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ عسڪري لاڳاپن جي وڌندڙ گھرائي جي عڪاسي ڪري ٿو.فيلڊ مارشل جي چين ياترا ان ڳالھھ کي اجاڳر ڪري ٿي تھ علائقائي سلامتي کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ اعليٰ سطح جا رابطا ۽ لاڳيتي مشاورت اڻٽر آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں