لائیو 5 منٽن جي وڊيو ڪال تي شادي طئي ڪندڙ چيني گھوٽ 9 ڏينهن کان پوءِ طلاق جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

چين جي مشرقي صوبي ژي جيانگ سان تعلق رکندڙ 32 ورهين جي شخص گو هڪ حيرت انگيز ڪيس ۾ صرف 5 منٽن جي وڊيو ڪال کان پوءِ طئي ٿيل شادي بعد طلاق جي درخواست داخل ڪري ڇڏي۔

رپورٽن موجب گو هڪ ميچ ميڪنگ سينٽر ۾ 200 يوآن ادا ڪري رجسٽريشن ڪرائي، جتي سندس ملاقات اتر-اولهه صوبي شانشي سان تعلق رکندڙ 30 ورهين جي عورت سان ڪرائي وئي۔

عورت کي پروفائل ۾ قرض کان پاڪ، صحتمند ۽ ڪنهن به ڏوهه کان پاڪ ظاهر ڪيو ويو هو، ۽ اهو به ٻڌايو ويو هو ته هوءَ پري رهندي به شادي ۽ فوري رشتو قبول ڪرڻ لاءِ راضي آهي۔

وڊيو ڪال دوران گهڻن سوالن جا جواب ميچ ميڪر طرفان ڏنا ويا، جڏهن ته گو صرف عورت کان سندس نوڪري ۽ خاندان بابت مختصر ڳالهه ڪئي۔

ان کان پوءِ نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ بنا آمهون سامهون ملاقات جي شادي جو فيصلو ڪيو. شادي لاءِ ڇوڪري طرفان مجموعي طور تي لڳ ڀڳ 2 لک 65 هزار يوآن خرچ ڪيا ويا، جن ۾ ڪنوار لاءِ رقم ۽ ميچ ميڪنگ فيس شامل هئي، ۽ ٻنهي جي شادي 3 ڏينهن اندر رجسٽر ٿي وئي۔

پر شادي کان پوءِ حالتون تيزي سان خراب ٿيڻ لڳيون. گو کي خبر پئي ته عورت جي نالي تي ھڪ لک يوآن جو قرض موجود آهي، جڏهن ته عورت جو موقف هو ته اهو قرض سندس اڳوڻي بواءِ فرينڊ جو آهي. بعد ۾ اهو به سامهون آيو ته سندس موبائل پيمنٽ اڪائونٽ تي درج نالو به مختلف هو۔

وڌيڪ جاچ دوران عورت صحت جي مسئلن ۽ جگر جي ڪمزوري جو به اعتراف ڪيو۔

ان مسئلن کي نظر ۾ رکندي گو صرف 9 ڏينهن بعد طلاق لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو. عورت بعد ۾ دعويٰ ڪيو ته هن فيصلي سبب هوءَ ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ هن 50 هزار يوآن معاوضو پڻ گهريو آهي۔

ٻئي پاسي ميچ ميڪنگ سينٽر انهن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته جوڙو پاڻ هن تڪرار کي پيدا ڪري رهيو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں