خانيوال: خانيوال ۾ ملتان روڊ تي واقع نيازي چوڪ ويجهو فائرنگ جي واقعي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا.
ابتدائي ڄاڻ موجب واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو ٻڌايو پيو وڃي.
پوليس مطابق ذڪاء الله پنهنجي ڀاءُ ۽ رشتيدارن سان گڏ عدالتي پيشي لاءِ وڃي رهيو هو ته نيازي چوڪ تي اڳواٽ لڪي ويٺل نامعلوم هٿياربندن سندن گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن سڳن ڀائرن سميت 4 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.
ريسڪيو 1122 جي ٽيم فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي لاشن کي ڊسٽرڪٽ اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس ٿاڻو سٽي علائقي کي گهيري ۾ وٺي ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته واقعي جي جاچ جاري آهي.