ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ، ڪيترن ئي علائقن ۾ 12-12 ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي غائب

فہرستِ مضامین

ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جاري آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ لوڊشيڊنگ 12 ڪلاڪن کان به وڌي وئي آهي.

ڪراچي جي علائقن اورنگي ٽائون، ڪورنگي، لياري ۽ ماڙي پور ۾ بنا اعلان جي لوڊشيڊنگ سبب شهري پريشان آهن.

قائدآباد، ملير، منگھوپير، ڪيماڙي ۽ سرجاني ۾ به ڪيترن ڪلاڪن تائين بجلي جي بندش جاري آهي. نيو ڪراچي، لائنز ايريا، سولجر بازار ۽ گلشن معمار جا رهواسي به بجلي جي بندش سبب پريشان آهن.

شهر ۾ سخت گرمي دوران ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب روزمره جون سرگرميون ۽ ڪاروبار متاثر ٿي رهيا آهن.

جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان دعويٰ ڪيو ويو آهي ته 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ نٿي ڪئي وڃي، ۽ ڪجهه علائقن ۾ بلن جي عدم ادائيگي سبب بجلي بند ڪئي وڃي ٿي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں