ڪراچي: مومن آباد ۾ تازو پرڻيل پوليس اھلڪار ڪنوار گھوٽ کي قتل ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

 (رپورٽ: اسحاق سرڪي)

ايس ايس پي اولھ جو چوڻ آھي تہ ملزمہ پنھنجي اڳوڻي مڙس سان گڏجي مڙس حمزھ ظھور کي قتل ڪيو، مقتول کي سندس گھر جي اندر ئي ڦاھو لڳايو ويو ھو جڏھن تہ سندس ھٿ بہ ٻڌا ويا ھئا. ايس ايس پي موجب پوليس اطلاع ملڻ تي پوليس ڪارروائي ڪري ملزمہ دعا زال حمزھ کي گرفتار ڪري ورتو. قتل جو ڪيس مقتول جي والد ظھور الدين جي فرياد ۾ داخل ڪيو ويو آھي.

پوليس جو چوڻ آھي تہ واقعي ۾گرفتار ملزمہ دعا پوليس ۾ ڪانسٽيبل آھي. پوليس موجب مقتول جي جسم تي تشدد جا نشان موجود آھن.

پوليس موجب ابتدائي شاھديون آپگھات جي نہ پر قتل جي واردات جي نشاندھي ڪري رھيون آھن، مقتول ۽ ملزمہ جي شادي جو وليمو 18 جون تي ٿيڻو ھو.

مقتول حمزھ جي والد جي فرياد ۾ ڪنوار دعا ۽ سندس اڳوڻي مڙس فھد خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويوآھي. پوليس جو چوڻ آھي تہ تازو پرڻيل ڪنوار وارثن کي اطلاع ڏنو تہ گھوٽ حمزھ آپگھات ڪيو آھي جڏھن تہ مقتول جي ڀاءُ مطابق حمزھ جو ھڪ ھٿ ۽ ھڪ پير ٻڌل حالت ۾ لڙڪيل مليو ھو.

پوليس عملدارن موجب ڪرائيم سين يونٽ اھم شاھديون گڏ ڪري ورتيون آھن ۽ مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد موت جي اصل ڪارڻ جو پتو پوندو.

پوليس موجب ملزمہ پوليس اھلڪار آھي جيڪا سپر مارڪيٽ ٿاڻي تي مقرر آھي. ملزمہ جي مقتول سان ٻي شادي ھئي جڏھن تہ پھرين مڙس مان 3 ٻار بہ آھن.

ملزمہ ھڪ ڏينھن اڳ پنھنجي اڳوڻي مڙس سان ٻارن کي ملاقات ڪرائڻ لاءِ بہ وٺي وئي ھئي انھي رات مقتول جي آپگھات جي ڪھاڻي سامھون آئي.

پوليس موجب مقتول جي والد طرفان عورت اھلڪار ۽ سندس اڳوڻي مڙس کي نامزد ڪيو ويو آھي. ڪيس ۾ عورت پوليس اھلڪار گرفتار جڏھن تہ سندس اڳوڻو مڙس فھد فرار آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں