وچ اوڀر جي تازي صورتحال: عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگھن ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر واڌ

فہرستِ مضامین

سنگاپور: وچ اوڀر جي صورتحال جي پيش نظر عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔

بين الاقوامي تجارتي انگن اکرن موجب برينٽ تيل جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ ھڪ سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جنهن کان پوءِ اهو 97 ڊالر في بيرل ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، ساڳي طرح ڊبليو ٽي آءِ تيل جي قيمت به وڌي 95 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي۔

بين الاقوامي تجارتي انگن اکرن موجب يو اي اِي مرين تيل جي في بيرل قيمت 96 ڊالر ٿي وئي آهي۔

ماهرن موجب تيل جي قيمتن ۾ تازو اضافو وچ اوڀر جي صورتحال، سپلاءِ بابت خدشن ۽ عالمي طلب ۾ واڌ سبب ٿيو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں