ملڪيت مان حصو نه ملڻ تي ڀاءُ کي ماريندڙ عورت گرفتار، پوليس جو گرينڊ آپريشن

فہرستِ مضامین

رپورٽ: شهنشاهه چارڻ

اوهان سدائين پڙهندا ۽ ٻڌندا هوندا ته ملڪيت جي تڪرار تان ڀاءُ ڀيڻ ماري ڇڏي، پٽ پيءُ ماري ڇڏيو، مڙس زال ماري ڇڏي، پر ملير جي علائقي ۾ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو، جنهن سڀني کي حيران ڪيو ۽ پهريون ڀيرو پوليس کي ڏسي مقامي ماڻهو پريشان ٿيڻ بدران خوش ٿيا.

صبح جا ساڍا 10 ٿيا هئا، ريڙهي ڳوٺ جي گهٽين ۽ رستن تي خاموشي ڇانيل هئي، پوليس تياري ڪري رهئي، هر ماڻهو جَي زبان تي اِهو جملو هو ته آمنه غلط ڪيو آهي، آمنه اُها عورت آهي، جنهن ملڪيت مان حصو نه ملڻ تي پنهنجي ڀاءُ کي ڊرامائي انداز ۾ ماريو آهي.

سکن ٿاڻي جي حد ريڙهي ڳوٺ ۾ واقعو پيش آيو، پوليس عملدارن ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو ته پن پاڙي ۾ جوابدار عورت آمنه قاسماڻي پنھنجي پٽ عزيز سان گڏجي 50 ورھين جَي سومار قاسماڻي تي ڏنڊن، لوھي راڊ سان حملو ڪيو.

عورت ڀاءُ تي اوچتو حملو ڪيو ۽ ڌڪ لڳڻ تي پيرسن دانھون ڪندو رھيو، ڀيڻ کي منٿون ڪندو رھيو، دانهن تي پاڙيسري گڏ ٿيا ۽ دردناڪ منظر ڏسندا رھيا، جن پوليس کي اطلاع ڏنو

علائقي واسين نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڀيڻ جي حملي سبب سومار سخت زخمي ٿي پيو، سندس جسم مان رت رهي رهيو هو ۽ هو تڙپندو رھيو، بي رحم ڀيڻ آڏو چوندو رهيو ته ملڪيت وٺ، جيڪا شيءِ مون وٽ آهي، اُها سڀ وٺ پر زندگي جو ڏيئو نه اُجهاءِ، پر عورت کيس ڏنڊا هڻندي رهي ۽ هُن دم ڏنو

منشيات فروشن جي امڪاني حملي سبب پوليس اٽالا گھرائڻا پيا

ريڙهي ڳوٺ منشيات فروشن جو ڳڙھ سمجھيو وڃي ٿو، پوليس گاڏين کي گھٽين ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ مزاحمت ڪئي ويندي آهي، منشيات فروش مرد توڙي عورتون اھلڪارن تي حملو ڪري سندن ورديون ڦاڙي ڇڏين ٿا.

شيطان چوڪ جھيڙن جو مرڪز رهيو آھي، جتي پوليس اهلڪارن تي حملي توڙي منشيات فروشن خلاف شڪايت ڪندڙن کي سرعام نشانو بڻايو وڃي ٿو، ماضي ۾ اهڙا کوڙ واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جن ۾ جاني توڙي مالي نقصان رپورٽ ٿيندو رهيو آهي

جوابدار عورت جي گرفتاري لاءِ پوليس جي پلاننگ

سکن پوليس، ابراهيم حيدري، قائدآباد پوليس، ملير سٽي پوليس، شرافي ڳوٺ ٿاڻن جي پوليس ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزادو جي قيادت ۾ گرينڊ آپريشن ڪيو، ايس پي ملير، ڊي ايس پي سکن، ڊي ايس پي قائد آباد پنھنجي حد جي ٿاڻن جي ايس ايچ اوز سان گڏ آپريشن ۾ شامل ھئا.

پوليس پھرين جوابدار عورت آمنه کي گرفتار ڪيو، مقتول جو مڙھ جناح اسپتال منتقل ڪرايو، جنھن بعد ڳري مشينري گھرائي علائقي ۾ گرينڊ آپريشن ڪيو، هيءَ پهريون آپريشن هو، جنهن ۾ مقامي ماڻهن مزاحمت ڪرڻ بدران خاموش رهيا ۽ سندن چهرن تي مرڪ هئي

پھريون ڀيرو پوليس آفيسرن جرئت جو مظاھرو ڪيو

علائقي واسين ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو ته پيرسن کي به منشيات جي عادت ھئي، پاڙيسرين کي تنگ ڪندو ھو، ڀيڻ پاڙيسرين جي شڪايتن کان تنگ ھئي، ملڪيت جو جواز ڄاڻائي کيس ماري ڇڏيو.

سماجي ورڪرن توڙي عام شھرين ٻڌايو ته پوليس موقعي جو فائدو ورتو ۽ منشيات فروشن جا گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا، منشيات کپائيندڙ عورتن توڙي مردن کي حراست ۾ ورتو ويو، جن جو انگ 10 کان وڌيڪ آھي، پھريون ڀيرو پوليس آفيسرن جرئت جو مظاھرو ڪري وڏي ڪارروائي ڪئي آھي، اميد آھي ته ھاڻ منشيات فروش گھٽجي ويندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں