لنڊن: برطانيا جي 97 ورهين جي عورت بيٽي بروميچ غيرمعمولي همت جو مظاهرو ڪندي هلندڙ جهاز جي پرن تي بيهي ونگ واڪنگ جو خطرناڪ ڪرتب ڪري پنهنجو ئي عالمي رڪارڊ بهتر بڻائي ڇڏيو.
گنيز ورلڊ رڪارڊ ۾ نالو درج ڪرائيندڙ بيٽي بروميچ هڪ ڀيرو ٻيهر جهاز جي پرن تي بيهي ونگ واڪنگ ڪئي ۽ پنهنجي ئي قائم ڪيل رڪارڊ کي ٽوڙي ڇڏيو.
بيٽي بروميچ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هوءَ اهڙا دلچسپ ۽ غيرمعمولي ڪم نه ڪري ها ته شايد زندگي کان بيزار ٿي وڃي ها.
10 سالن ۾ 6 ڀيرا ونگ واڪنگ
بيٽي بروميچ گذريل 10 سالن دوران 6 ڀيرا ونگ واڪنگ ڪري چڪي آهي، جيڪا سندس غيرمعمولي همت ۽ جرئت جو مثال بڻجي وئي آهي.
97 ورهين جي عمر ۾ اهڙو خطرناڪ ڪرتب انجام ڏيڻ تي بيٽي بروميچ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سطح تي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي.