لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪوٽ لکپت جيل ۾ 9 مئي جي وڌيڪ ٻن ڪيسن جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو۔
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد ڪوٽ لکپت جيل ۾ گلبرگ ۾ گاڏيون ساڙڻ ۽ ڪلمہ چوڪ تي ڪنٽينر ساڙڻ وارن ڪيسن جو فيصلو ٻڌايو۔
عدالت تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد، عمر سرفراز چيما ۽ اعجاز چوڌري کي 10-10سال قيد جي سزا ٻڌائي۔
هي سزا جوابدارن تي لاهور جي علائقي گلبرگ ۾ گاڏيون ساڙڻ ۽ ڪلمہ چوڪ ۾ ڪنٽينر ساڙڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻڌائي وئي۔
عدالت گلبرگ ۾ گاڏيون ساڙڻ واري ڪيس ۾ 22 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو، جڏھن تہ ڪلمہ چوڪ ۾ ڪنٽينر ساڙڻ واري ڪيس ۾ 5 جوابدارن کي بري ڪيو ويو۔
گلبرگ ٿاڻي ۽ نصير آباد پوليس ڪيسن جا چالان جمع ڪرايا ھئا، گلبرگ ٿاڻي جي چالان ۾ پوليس طرفان 33 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو هو، گلبرگ واري ڪيس ۾ ميان اسلم اقبال سميت چار جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو هو۔
نصير آباد ٿاڻي جي پوليس 36 جوابدارن جو چالان عدالت ۾ پيش ڪيو هو. هن ڪيس ۾ ميان اسلم اقبال سميت 12 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو هو۔..