83 ماڻهن جو گڏيل خاندان: ڇهه سس، 14 ننهن ۽ هڪ ئي رڌڻو

فہرستِ مضامین

 دهلي (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ڀارت جي رياست آنڌرا پرديش جي اننت پور ضلعي جي ڪرلاپلي ڳوٺ ۾ هڪ اهڙو خاندان رهندو آهي، جيڪو اڄ جي دور ۾ به گڏيل خاندان جي هڪ غيرمعمولي مثال بڻيل آهي. هن خاندان ۾ 83 ماڻهو، ڇهه سس، 14 ننهن ۽ 20 ٻار شامل آهن. خاندان جا ماڻهو ڀرسان موجود چئن گهرن ۾ رهن ٿا، پر عملي طور تي پاڻ کي هڪ ئي خاندان ۽ هڪ ئي گهر جو حصو سمجهن ٿا.

هن وڏي خاندان کي ناگپا خاندان جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. خاندان جي سربراهن ۾ هنومانترائدو ۽ مٿيالپا شامل آهن. خاندان جا ماڻهو رڳو هڪ ٻئي جا مائٽ هجڻ تائين محدود ناهن، پر سندن آمدني، کاڌو، گهر جا خرچ ۽ ڪيترائي اهم فيصلا به گڏيل آهن.

83 ماڻهن لاءِ هڪ ئي رڌڻو

هن خاندان جي سڀ کان دلچسپ روايت سندن گڏيل رڌڻو آهي. جيتوڻيڪ خاندان جا ماڻهو چار پاڙيسري گهرن ۾ ورهايل آهن، پر 83 ماڻهن جو کاڌو گڏجي تيار ڪيو ويندو آهي.

صبح جو خاندان جا وڏا گڏجي ويهن ٿا ۽ ڪافي پيئندي ڏينهن جي ڪمن بابت صلاح مشورو ڪن ٿا. ان موقعي تي اهو طئي ڪيو ويندو آهي ته اڄ ڪهڙو کاڌو تيار ٿيندو، گهر جا ڪهڙا ڪم ڪير ڪندو ۽ پوکيءَ جي ڪم لاءِ ڪهڙا ماڻهو زمينن ڏانهن ويندا.

گهر جون عورتون، خاص طور تي 14 ننهن، گڏجي کاڌو تيار ڪن ٿيون. وڏي خاندان لاءِ کاڌو تيار ڪرڻ يقيني طور هڪ وڏو ڪم آهي، پر خاندان جو چوڻ آهي ته ڪم ورهائڻ سبب اهو بار ڪنهن هڪ فرد تي نٿو پوي.

ڪم به گڏيل، آمدني به گڏيل

هن خاندان جو گذر سفر رڳو زراعت تي ناهي. خاندان جا ماڻهو پوکيءَ سان گڏ ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار به ڪن ٿا.

رپورٽن موجب خاندان وٽ چار بسون آهن، جيڪي ڪلياندرگام ۽ ڪرناٽڪ جي ڪجهه علائقن وچ ۾ هلن ٿيون. زراعت ۽ ٽرانسپورٽ مان حاصل ٿيندڙ آمدني کي گڏيل طور استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ خاندان جا خرچ به گڏيل طريقي سان پورا ڪيا وڃن ٿا.

يعني خاندان ۾ اهو تصور نظر اچي ٿو ته ”منهنجي آمدني“ ۽ ”تنهنجي آمدني“ بدران ”اسان جي آمدني“ آهي.

14 ننهن، ڇهه سس، پر جهيڙو ڇو نٿو ٿئي؟

83 ماڻهن جي هڪ ئي خانداني نظام ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي. خاندان جا ماڻهو به مڃين ٿا ته اختلاف ٿيندا آهن، پر سندن چوڻ آهي ته اهي اختلاف وڌڻ کان اڳ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

خاندان جا وڏا سمجهن ٿا ته سندن گڏيل زندگيءَ جو بنياد هڪ ٻئي لاءِ عزت، سهڪار، برداشت ۽ ذميوارين جي ورڇ آهي.

اهڙي وڏي خاندان ۾ ڇهه سس ۽ 14 ننهن گڏ رهڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ غيرمعمولي ڳالهه آهي. عام طور تي گڏيل خاندانن ۾ سس ۽ ننهن جا اختلاف هڪ وڏو مسئلو بڻجي سگهن ٿا، پر ناگپا خاندان جي دعويٰ آهي ته گڏيل احترام سبب سندن گهر ۾ اختلاف مستقل جهيڙي جي صورت اختيار نٿا ڪن.

هر صبح خاندان جو ”اجلاس“

هن خاندان جي نظام ۾ هڪ دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته روزاني ڪم اتفاق سان نه پر صلاح مشوري سان طئي ٿين ٿا.

خاندان جا وڏا هر صبح گڏجي ويهن ٿا، ڏينهن جي ڪمن جي ورڇ ڪن ٿا، کاڌي جو فيصلو ڪن ٿا ۽ پوکيءَ توڙي گهر جي ٻين ذميوارين بابت طئي ڪن ٿا.

اهڙيءَ طرح 83 ماڻهن جو خاندان ڪنهن هڪ شخص جي حڪم بدران گڏيل فيصلا ڪرڻ جي روايت تي هلندو آهي.

جڏهن ته هندستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي سماجن ۾ گڏيل خاندان آهستي آهستي ننڍن خاندانن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، اتي ناگپا خاندان اڃا تائين ڪيترين نسلن کي گڏ رکڻ واري روايت کي زنده رکيو آهي.

هن خاندان جا ماڻهو هڪ ئي جاءِ تي کائڻ، ڪم ڪرڻ ۽ مالي ذميوارين کي گڏيل رکڻ کي پنهنجي طاقت سمجهن ٿا. خاندان جي وڏن جو خيال آهي ته گڏ رهڻ لاءِ رڳو رت جو رشتو ڪافي ناهي؛ هڪ ٻئي جي عزت، برداشت ۽ تعاون به ضروري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں