فہرستِ مضامین

ڍاڪا : بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالدہ ضياءُ ڊگهو عرصو بيمار رھڻ بعد 80 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، خالدہ ضياءُ جگر جي عارضي سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا هئي ۽ ڊگهو عرصي کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، جتي اڄ هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، سندس لاڏاڻو ملڪ جي راڄڌاني ڍاڪا جي اسپتال ۾ مقامي وقت موجب صبح 6 وڳي ٿيو.

گذريل ڏينهن ڊاڪٽرن سندس حالت کي انتهائي ڳڻتي جوڳي قرار ڏنو هو، ان حوالي سان ميڊيڪل بورڊ جي ميمبر ڊاڪٽر ضياءُ الحق جو چوڻ هو تہ خالدہ ضياءُ کي لائف سپورٽ تي رکيو ويو آهي ۽ باقاعدگي سان ڊائليسس ڪيو پيو وڃي.

سندس چوڻ هو تہ ڊائليسس روڪڻ بعد سندس حالت ۾ بگڙي وڃي ٿي، جڏھن تہ وڏي عمر ۽ ڪيترين بيمارين سبب هڪ ئي وقت هر بيماري جو علاج ممڪن ناهي رھيو.

خالدہ ضياءُ ڪير هئي؟

خالدہ ضياءُ بنگلاديش جي پهرين جڏھن تہ مسلم دنيا ۾ بينظير ڀٽو کانپوءِ ٻي عورت وزيراعظم بڻي، هن 1991 کان 1996 ۽ وري 2001 کان 2006 تائين ملڪ جي وزيراعظم طور خدمتون سرانجام ڏنيون.

خالدہ ضياءُ بنگلاديش جي اڳوڻي صدر ضياءُ الرحمان جي گهرواري هئي.

سياسي ڪيريئر دوران مٿس ڪرپشن جا الزام پڻ لڳا، کيس 2018 ۾ پنجن ورھين لاءِ قيد ڪاٽڻي پئي.

اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينہ واجد سان سندس ڊگهي عرصي تائين سياسي ڇڪتاڻ رھي، نيٺ شيخ حسينہ واجد کي گذريل سال حڪومت ڇڏڻي پئي هئي.

ياد رھي تہ خالدہ ضياءُ جو پٽ ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جو عبوري چيئرمين طارق رحمان ڪجهہ ڏينهن اڳ 17 ورھين جي جلاوطني ختم ڪري وطن واپس پهتو هو، سندس واپسي اهڙي وقت ٿي آهي جڏھن بنگلا ديش ۾ اهم چونڊون ٿيڻ واريون آهن.

طارق رحمان 2008 ۾ 18 مهينا قيد ڪاٽڻ کانپوءِ علاج ۽ ٻين سببن جي بنياد تي برطانيا هليو ويو هو…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں