احتجاج ڪندڙ وڪيلن ۽ سنڌ حڪومت ۾ ڳالھيون ڪامياب، احتجاج ختم

فہرستِ مضامین

ڪراچي: ڪارونجھر جبل کي ڪورڻ خلاف احتجاج ڪندڙن ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ۾ ڳالھيون ڪامياب ٿي ويون آھن، جنھن کانپوءِ وڪيلن احتجاج ختم ڪيو آھي.

ڪمشنر ھائوس ڪراچي ۾ ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ، جي سربراھي ۾ وفد صوبائي وزير ناصر شاھ سان ملاقات ڪري ڪئي، جنھن ۾ وڪيلن پاران چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪيو ويو.

صوبائي وزير ناصر شاھ وڪيلن کي چيو تہ اسان جي ۽ اوھان جي جدوجھد گڏيل آھي، ڪئنال ۽ پاڻي اسان جو بہ مسئلو آھي، وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي تہ وڪلين کان مطالبا وٺي اچو، ڪارونجھر مسئلي تي اسان اوھان سان گڏ آھيون.

صوبائي وزير جو چوڻ ھو تہ ٻين معاملن تي ويھي ڳالھيون ڪنداسين، وڪيلن کان چارٽرڊ آف ڊيمانڊ ورتو آھي، مان بہ وڪيلن جي نمائندگي ڪندس، کيرٿر ۾ جيڪڏھن ڪا مائننگ ٿي رھي آھي تہ اھا غيرقانوني آھي.

ڳالھين کانپوءِ ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ چيو تہ سنڌ حڪومت 15 ڏينھن اندر آئيني درخواست واپسي وٺڻ جي خاطري ڪرائي آھي

ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ جو چوڻ آھي تہ 15 ڏينھن اندر مطالبن تي عمل نہ ڪيو ويو تہ ٻيھر سي ايم ھائوس جو رخ ڪنداسين.

وڪيلن جي ڪارونجھر ريلي

ٿرپارڪر ۾ موجود ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف ڪراچي بار جي سڏ تي ھاءِ ڪورٽ بار جي صدر سرفراز ميتلو عامر نواز وڙائچ ۽ حسيب جمالي جي اڳواڻي ۾سنڌ ھاءِ ڪورٽ کان سي ايم ھائوس تائين ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون

عامر نواز وڙائچ جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي پي آءِ ڊي سي چوڪ پھتي تہ پوليس وڪيلن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي تہ چڪريون ٿيون ۽ وڪيل رکيل ڪنٽينر تي چڙھي ويا.

ان موقعي تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار جي صدر بئريسٽر سرفراز ميتلو خطاب ڪندي سنڌ حڪومت تي ٻٽي معيار جو الزام لڳائيندي چيو تہ صوبائي حڪومت هڪ طرف ڪارونجھر کي ليز تي ڏيڻ وارن سان گڏ آھي ۽ ٻئي پاسي احتجاج ڪندڙن سان بہ گڏ بيٺل آھي.

هن نگران حڪومت جي تجويز ڪيل گرينائٽ ڪڍڻ جي منصوبي طرف اشارو ڏيندي چيو تہ ھو اڳوڻي نگران صوبائي حڪومت جي منصوبي جي واپسي جو مطالبو ڪيون ٿا، ڪارونجھر جبل سنڌ جي ملڪيت آھي، حڪومت عدالت ۾ داخل ڪيل پنهنجي اپيل واپس وٺي، ٻي صورت ۾ وڪيل 15 ڏينهن بعد ٻيهر احتجاج ڪندا.

ھن چيو تہ سنڌ حڪومت ڪارونجهر جي سلسلي جي تحفظ سان لاڳاپيل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بہ رڪني بينچ جي فيصلي کي چيلنج ڪيو آھي.

ان موقعي تي سنڌ جو گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار مظاھرين سان ڳالھين لاءِ پھتو تہ وڪيلن ساڻس ڳالھيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

جنھن کانپوءِ وڪيلن جي مطالبي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ڪمشنر آفيس ۾ وڪيلن سان ڳالھيون ڪري چارٽرڊ آف ڊيمانڊ ورتو

جڏھن تہ صوبائي وزير ناصر حسين شاھ سان ڳالھيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڪراچي بار ۽ آل سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي جو احتجاج ختم ٿي ويو ۽ مظاھرين پي آءِ ڊي سي سنگنل وٽ ڇڙ وڇڙ ٿي ويا.

وڏو وزير مراد علي شاھ

ٻئي پاسي ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاھ، ڪارونجھر کي سنڌ جو اثاثو قرار ڏنو،

وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تہ ڪارونجھر سنڌ جو اثاثو آھي، ان تي ڪنھن بہ قسم جي سوديبازي نہ ڪئي ويندي

وڏي وزير چيو تہ وڪيل ڀلي سي ايم ھائوس اچن، پر اھو طريقو درست ناھي تہ روڊن تي اچي عوام کي پريشان ڪيو وڃي، ترقي جي دڳ ۾ رنڊڪ بڻجندڙن کي راضي ڪنداسين

ھن چيو تہ ٿرڪول تي بہ اعتراض واريو ويو ھو، اڻھن ماڻھن کي بہ سمجھايو ويو ھو تہ ترقي جي راھ ۾ رنڊڪ نہ بڻجن

ڪارونجھر بابت ٻڌڻي ملتوي

وفاقي آئيني عدالت ڪارونجھر ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

چيف جسٽس امين الدين جي سربراھي ۾ بينچ ڪارونجھر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ايڊووڪيٽ منور ساگر جو وڪيل پيش  ۽ تياري لاءِ مھلت گھري.

عدالت کي ٻڌايو ويو تہ سنڌ حڪومت جي وڪيل وڪالت نامو واپس ورتو آھي، عدالت ڌرين کي مھلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں