اسلام آباد : سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي تہ جيڪڏھن گذريل 30 سالن دوران گهٽ ۾ گهٽ 500 ۽ وڌ ۾ وڌ 5000 سياستدانن کي گولي ھڻي ماريو وڃي تہ پاڪستان جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا۔
سينيٽر فيصل واوڊا چيو تہ گذريل 30 سالن دوران ملڪ کي نقصان پهچائيندڙ ڪيترن ئي سياستدانن خلاف انتهائي سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، جنهن سان پاڪستان جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
صدر آصف علي زرداري سان سينيٽر فيصل واوڊا جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي موجودہ سياسي صورتحال، پارلياماني معاملن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي
ملاقات کانپوءِ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالھائيندي فيصل واوڊا چيو تہ ماضي ۾ ملڪ سان ٿيل ناانصاصفين ۽ خراب حڪمراني جا عنصر سڃاڻڻ ضروري آھي
ھن وڌيڪ چيو تہ 28 ھين ترميم ضرور ايندي جنھن تحت اين ايف سي ايوارڊ سميت ٻين اھم معاملن تي گڏيل رضامندي سان حل ڪيو ويندو….