پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز پاران قبضي ۾ ورتل 5 افغان پوسٽن تي قومي پرچم لھرائڻ جي ويڊيو سامھون اچي وئي آھي .
جڏھن تہ افغانستان جو جھنڊو احرام سان لاھي ۽ پاڪستاني پرچم فخر سان لھرائڻ جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آھي
پاڪ فوج افغان طالبان جي بناجواز جارحيت خلاف ڀرپور انداز ۾ جوابي ڪارروائي ڪري رھي آھي
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستاني فوج سخت ردعمل ڏيني ڪيتريون چوڪيون قبضي ۾ وٺي ڇڏيون آھن ۽اتي موجود گاڏين کي بہ قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آھي.
جوابي ڪارروائي ۾ پاڪ فوج وڌيڪ 5 افغان پوسٽن تي قبضو ڪري قومي پرچم لھرائي ڇڏيو آھي، جنھن جون ويڊيوز سامھون اچي ويون آھن.
پاڪ فوج پيشوراڻي مھارت ۽ مذھبي قدرن کي نظر ۾ رکندي افغانستان جو پرچم نھايت احتياط ۽ احترام سان لاٿو ۽ لاڳاپيل چوڪين تي پاڪستاني پرچم لھايو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج افغان طالبان جي بناجواز جارحيت جو جواب ڏيندي پڪتيا جي علائقي ۾ 5 افغان چيڪ پوسٽن تي قبضو ڪري پاڪستان جو جھنڊو ڦڙڪرايو.
پاڪ فوج اثرائتي ڪارروائي دوران انگور اڏي جو افغاني ٽرمينل بہ تباھ ڪري ڇڏيو….