4 آڪٽوبر احتجاج ڪيس، عمر ايوب اشتهاري قرار، پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

فہرستِ مضامین

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب کي 4 آڪٽوبر احتجاج ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا عمر ايوب خلاف 4 آڪٽوبر احتجاج ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت عمر ايوب کي مسلسل طلبي جي باوجود پيش نه ٿيڻ تي ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏنو.

اي ٽي سي عمر ايوب جو پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ سندس ملڪيت جي تفصيل پڻ طلب ڪري ورتا آهن.

واضح رھي تہ عمر ايوب خلاف دهشتگردي جي قلمن تحت نون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں