ڪراچي ۾ 100کان وڌيڪ ٻارڙين سان ريپ جي الزام ۾ گرفتار جوابدارجو عدالت آڏو اعترافي بيان:” ريپ جون وڊيوز اِن ڪري ٺاھيندو ھئس تہ جيئن بعد ۾ ڏسي سگھان“: جوابدار

فہرستِ مضامین

ڪراچي ۾ ھڪ سئو کان وڌيڪ ٻارڙين سان ريپ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار انڪشاف ڪيو آھي تہ ھُو ريپ جون وڊيوز اِن ڪري ٺاھيندو ھو تہ جيئن بعد ۾ اُنھن کي ڏسي سگھي.

ڪراچي ۾ مجسٽريٽ جي سامهون اعترافي بيان ۾ جوابدار ٻڌايو ته ان خلاف داخل ٿيل ايف آءِ آر ۾ جن ٻن ڀينرن جو ذڪر آهي، اهي ٻئي سندس جوس جي ريڙھي تي اينديون هيون، اِنھن ٻارڙين کي پئسن جو لالچ ڏنو ھو ۽ پنھنجي ڪمري تي گھرايو ھو.

جوابدار جي بيان موجب پهرين وڏي ڀيڻ آئي، جنهن جو هن ريپ ڪيو ۽ ان جي وڊيو پڻ ٺاهي، جيڪا هڪ يو ايس بي ۾ محفوظ ڪئي. هو وڏي ڀيڻ سان ھلندڙ سال مارچ کان زنا ڪندو رهيو ۽ کيس پيسا ڏيندو رهيو. ان کان پوءِ وڏي ڀيڻ ننڍي ڀيڻ کي به ساڻ کڻي آئي، جنهن سان به جوابدار ٻن ڀيرا ريپ ڪيو ۽ ان جون به وڊيوز ٺاهيون.

جوابدار اعتراف ڪيو ته هن سئو کان وڌيڪ ڇوڪرين سان ريپ ڪيو آهي ۽ سڀني جون وڊيوز به ٺاهيون آهن۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں