چنيوٽ : وزيراعظم جي سياسي معالن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ اللھ تصديق ڪئي آھي تہ 28ھين آئيني ترميم جلد آندي ويندي، اھا بہ منظور ٿي ويندي، 28 ھين ترميم مڪاني نظام، اين ايف سي ۽ صحت بابت ھوندي.
چنيوٽ ۾ صحافين سان ڳالھائيندي راڻا ثناءُ اللھ چيو تہ 28 ھين آئيني ترميم عوامي معاملن تي آھي، ترميم پاس ڪرڻ پارليامينٽ جو حق آھي ۽ ججز ان جي تحفظ جو حلف کنيو آھي، ھڪ جج کي نٿو ٺھي تہ ھو پاڻ کي سياسي احتجاج ۾ ملوث ڪري، جن ماڻھن استعيفائون ڏنيون انھن جا ذاتي مقصد آھن.
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ اللھ جو چوڻ ھو تہ 28ھين ترميم مڪاني نظام، اين ايف سي ۽ صحت بابت ھوندي، آئيني ترميم عوامي معاملن بابت آھي.
ان جو چوڻ ھو تہ مڪاني نظام، اين ايف سي ۽ صحت جي معاملن تي بحث جاري آھي، جيڪڏھن اتفاق ٿيو تہ 18 ھين آئيني ترميم آڻي سگھجي ٿي….