وفاقي حڪومت 27 ھين ترميم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ اتحادين سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آھن.
وزيراعظم سان پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم پاڪستان، ق ليگ ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي وفدن الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون آھن، جنھن دوران 27 ھين ترميم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
27 ھين آئيني ترميم تي اتفاق راءِ لاءِ اتحادين سان ملاقات جي سلسلي ۾ پ پ اڳواڻن جي وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جنھن ۾ تجويز ڪيل آئيني ترميم جي شقن ۽ موقف تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي .
وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ مرتضيٰ وھاب، عرفان قادر، راجا پرويز اشرف، نويد قمر، شيري رحمان ۽ ٻيا شريڪ ھئا
ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم ترجمان جو چوڻ آھي تہ وزيراعظم ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد کي 27 ھين آئيني ترميم تي اعتماد ُ ورتو ۽ ايم ڪيو ايم جي مڪاني مسودي کي 27 ھين ترميم ۾ شامل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
ترجمان موجب 27 ھين ترميم۾ ايم ڪيو ايم جي مڪاني آئيني ترميمي مسودي جي ن ليگ حمايت ڪندي
ٻئي پاسي عليم خان جي قيادت ۾استحڪام پاڪستان پارٽي جي وفد بہ وزيراعظم 27 ھين ترميم بابت اعتماد ۾ ورتو
ان کانسواءِ ق ليگ جي وفد وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي سربراھي ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.
ياد رھي تہ حڪومتي اتحاد 27 ھين آئيني ترميم پيش ڪرڻ جي تياري ۾ آھي ۽ ان بابت ذريعن جو چوڻ آھي تہ 27 ھين ترميم ھلندڙ مھيني ئي پارليامينٽ جي ٻنھي ايوانن مان منظور ڪرائي ويندي.