اسلام آباد : جميعت علماءِ اسلام جي سربراھ مولانا فضل الرحمان حڪومت کي مشورو ڏنو آھي تہ 27 ھين ترميم ۾ ڪيل غلطيون واپس وٺي آئين کي درست ڪيو وڃي.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو تہ پارليامينٽ ھڪ اھڙو فورم آھي جتي اسان مشاورت سان معاملا طئي ڪندا آھيون، ڪوشش ڪئي وڃي تہ آئين تڪراري نہ ھجي پر 27 ترميم ۾ ايئن نہ ٿي سگھيو
ھن چيو تہ 27 ھين آئيني ترميم تڪراري ھوندي ۽ ان کي آئين جي ٽائٽل تي زخم سمجھيو ويندو، 1793 ۾ ڀٽو جي اڪثريت ھئي پر ان بہ ڳاليھون ڪيون ھيون.
مولانا فضل الرحمان جو چوڻ ھو تہ قانونسازي 26 ھين ترميم ۾ بہ ٿي ٿئي، اسان وياج بابت تجويزون پيش ڪيون جڏھن 26 ھين ترميم آئي تہ پي ٽي آءِ کي دوست رابطا ۾ رھيا، ان تي بہ ھڪ مھيني ۾ اتفاق راءِ حاصل ڪيو.
هن چيو تہ 26هين ترميم جي ابتڙ 27هين ترميم لاءِ جمهوري گھرجون پوريون نہ ٿي سگھيون، سياسي لحاظ کان ننڍي سوچ جو مظاھرو ڪيو ويو، شعوري طور ايئن ڇو ڪيو ويو؟ اھڙين شخصيتن کي رعايتون ڏنيون ويون جنھن سان طبقاتي فرق پيدا ٿي ويو آھي، اسان کي شخصيتن يا انهن جي منصب سان ڪو مسئلو ناهي.
مولانا فضل الرحمان چيو تہ اڄ پنجاب ۾ ڊي سيز تعليم واري کاتي کان علماءَ کي رجسٽرڊ ڪرائي رھيا آهن۔ اوھان 18 سال کان اڳ شرعي نڪاح کي جنسي زيادتي قرار ڏنو آهي پر ٻار جائز هوندا، اوھان غلطيون ڪيون آهن، اهي واپس ڪريو، آئين کي ٻيهر درست ڪريو.
مولانا فضل الرحمان چيو تہ تہ قانون مٿان قانونسازي ڇو ڪئي پئي وڃي، اهڙو قانون ڇو آندو پيو وڃي جنهن مان سڀاڻي ڪو غلط فائدو حاصل ڪري، وفاقي وزير کي قاديانين جي چالاڪين جي خبر ناهي، قاديانين کي رستو ڏيڻ جي ڪا بہ قانونسازي نہ ٿيڻ گهرجي
مولانا فضل الرحمان چيو تہ مسئلو اقليتن جي حفاظت جو ناهي، اقليتن جي حقن لاءِ سڀني جي سوچ هڪ جهڙي آهي، اهڙو قانون ڇو آندو پيو وڃي جنهن مان سڀاڻي ڪو غلط فائدو حاصل ڪري…..