27 نومبر کا ن جوائنٽ چيف جو عهدو ختم ٿي ويندو: قانون وارو وزير

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي تہ 27 نومبر کا ن چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو ختم ٿي ويندو.

سينيٽ ۾ ڳالھائيندي قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ چيو تہ 27هين آئيني ترميم ۾ “مارشل آف ايئر فورس” ۽ “مارشل آف نيول فورس” جا عھدا متعارف ڪرائڻ جي تجويز آهي  ۽ اهي عھدا ڏيڻ جو اختيار وزيراعظم نہ پر پارليامينٽ وٽ ھوندو.

هن چيو تہ فيلڊ مارشل جي رينڪ ۽ عھدي کي آئيني تحفظ حاصل هوندو ۽ اهو عھدو واپس وٺڻ جو اختيار بہ پارليامينٽ وٽ هوندو، تجويز آهي تہ آرمي چيف کي “چيف آف ڊفينس فورسز” جو عهدو ڏنو وڃي۔

قانون واري وزير چيو تہ فيلڊ مارشل هڪ اعزازي عھدو آهي، هڪ جڏھن ⁠تہ آرمي چيف هڪ آئيني عهدو آهي، جنهن جي مدو پنج سال آهي، آرمي چيف کي “چيف آف ڊي فنس فورسز” بڻايو ويندو ۽ آرمي چيف کي “چيف آف ڊفينس فورسز” جي ذميواريون ڏيڻ جي تجويز آھي۔

اعظم نذير تارڙ ٻڌايو تہ موجودہ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا 27 نومبر تي رٽائرڊ ٿي رھيو آھي، جڏھن تہ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو 27 نومبر 2025 کان ختم ٿي ويندو۔..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں