اسلام آباد: وفاقي حڪومت 27 هين آئيني ترميم کي 14 نومبر تائين ٻنهي ايوانن مان منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪري وري ورتوآھي.
انھي حوالي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ هائوس بزنس ايڊوائزري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ 27 ھين ترميم جي منظوري بابت حڪمت عملي طئي ڪئي وئي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ ترميم سڀ کان پهريان سينيٽ مان پاس ڪرائي ويندي، اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کانسواءِ سموريون پارٽين جا اڳواڻ موجود هئا.
وزيراعظم شھباز شريف اڳ ئي 27 هين ترميم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جو ٽاسڪ اسپيڪر سردار اياز صادق کي حوالي ڪيو هو.
ٻئي پاسي 27ھين آئيني ترميم جي منظوري بابت وزيراعظم شھباز شريف وفاقي وزيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن جا پرڏيھي دورا ملتوي ڪري ڇڏيا آھن.
ذريعن موجب وزيراعظم پاران وزيرن ۽ ميمبرن کي اسلام آباد ۾ موجود رھڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي….